نظر نٿو اچي ته هي حڪومتي اتحاد گهڻو وقت هلندو : جاويد لطيف

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ جاويد لطيف چيو آهي ته مسلم ليگ ن جو حڪومت ۾ اچڻ جو فيصلو درست ناهي، اهو فيصلو مجبوري ۾ ڪيو ويو. قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ۽ مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ جاويد لطيف ميڊيا سان  ڳالهائيندي پارٽي قيادت جي فيصلي تي تحفظات جو اظهار ڪندي چيو ته اتحادي حڪومت کي 16 مهينن لاءِ هٿ کڻڻ غلط فيصلو آهي. هاڻ حڪومت وٺڻ جو فيصلو غلط آهي. هن وڌيڪ چيو ته منهنجي دعا آهي ته هي حڪومتي اتحاد قائم رهي پر مون کي نظر نٿو اچي ته هي سياسي اتحاد گهڻو وقت هلندو. هن چيو ته اسان جي پارٽي نه ٿي چاهي ته شهباز شريف انهن حالتن ۾ وزيراعظم بڻجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.