عدليه خلاف مهم، صحافي عمران رياض گرفتار

اسلام آباد(م ڊ) ايف آءِ اي يوٽيوبر اسد طور ۽ عمران رياض کي طلب ڪري ورتو، عمران رياض گرفتار، سائبر ڪرائم ونگ يوٽيوبر  اسد طور ۽ صحافي عمران رياض کي طلب ڪري ورتو آهي، جڏهن ته اعليٰ عدليه ۽ ججن خلاف نفرت پکيڙيندڙ الزامن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. يوٽيوبر اسد طوري کي سڀاڻي سائبر ڪرائم ونگ اسلام آباد ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جڏهن ته عمران رياض کي سائبر ڪرائم ونگ لاهور آڏو پيش ٿيڻ جو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته 16 جنوري تي گهرو وزارت سوشل ميڊيا تي ججن خلاف هلندڙ مهم جو نوٽيس وٺندي ان مهم کي روڪڻ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.