” نه قاتل گرفتار ٿيا نه ايف آءِ آر داخل ٿي“ نصيرآباد ۾ هدايت لوهار جي قتل خلاف ڌرڻا

نصيرآباد(رپورٽ بشير احمد) نصيرآباد ۾ قتل ٿي ويل قومپرست ڪارڪن ۽ استاد جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ ۽ ايف آءِ آر داخل نه ڪرڻ خلاف پ ٽ الف ۽ جسٽس فار هدايت لوهار ايڪشن ڪميٽي طرفان ڌار ڌار احتجاجي ريليون، هفتو اڳ نصيرآباد وچ شھر ۾ ٿاڻي واري گھٽي نور احمد تنيو رائيس ملزاڳيان قتل ٿي ويل قومپرست ڪارڪن ۽ پرائمري استاد هدايت لوهار جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ ۽ ايف آءِ آر داخل نه ڪرڻ پ ٽ الف نصيرآباد ۽ جسٽس  فار هدايت لوهار ايڪشن ڪميٽي طرفان ڌار ڌار احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون، پ ٽ الف جي احتجاجي ريلي مين پرائمري اسڪول کان نڪتي جنھن ۾ استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جسٽس فار هدايت لوهار ايڪشن ڪميٽي جي ريلي نوناري محلا کان نڪتي جنھن ۾ مقتول جي نياڻين، قومپرست اڳواڻن نياز ڪالاڻي، پنھل ساريو سميت شھر ۽ آس پاس جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ شھرين سون جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ريلين کي خطاب ڪندي سسئي لوهار، سورٺ لوهار، نياز ڪالاڻي، پنھل ساريو ۽ ٻين چيو ته سائين هدايت لوهار جو قتل سياسي قتل آهي جنھن کي فڪر جي ايم سيد سبب شھيد ڪيو ويو آهي ۽ اهو قتل پلانگ تحت ان ڏينھن ڪيو ويو جنھن ڏينھن ڄامشورو ۾ چونڊن خلاف احتجاجي ڌرڻو لڳل هيو قاتلن اهو سمجھيو هو ته سائين هدايت لوهار جو قتل لڪي ويندو يا گم ٿي ويندو پر اها انھن جي ڀل هئي، هدايت لوهار قوم ۽ ڌرتيءَ جو عاشق هو جنھن پنھنجي سڄي ڄمار ۾ ڪنھن کي نه ڏکايو ماستري سان گڏ لوهارڪو ڪم ڪري پنھنجا ٻچا پاليندو هو مقتول سان انصاف لاءِ آل پارٽيز ڪانفرنس ۽ قومي ٻڌي ٿيڻ گھرجي ۽ ساڻس خون سان انصاف ٿيڻ تائين روزانو احتجاجي ريلي نڪرندي رهندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.