پرنٽ ميڊيا جي صورتحال تي ڳڻتي،سنڌ اطلاعات کاتي جو ناروا سلوڪ

ڪراچي( رپورٽر) پرنٽ ميڊيا سنڌ جي گڏجاڻي ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ ڊاڪٽر جبار خٽڪ (روزاني عوامي آواز ڪراچي)، جاويد مهر شمسي (روزاني ڪليم سکر) غلام نبي چانڊيو (روزاني پاڪ ڪراچي) محمد يونس مهر (روزاني هلچل حيدرآباد) انور ساجدي (روزاني انتخاب ڪراچي) مهيش ڪمار (روزاني سنڌ حيدرآباد) ممتاز علي ڦلپوٽو (روزاني عوامي پرچار ڪراچي) بشير احمد ميمڻ (روزاني نجات ڪراچي) امتياز اختر قاضي (روزاني تعمير سنڌ ڪراچي) زاهده پروين عباسي ( روزاني نئون سج ڪراچي) عبدالسميع منڱريو (روزاني انڊس پوسٽ ڪراچي)  رفيق احمد  پيرزادو (روزاني پاڪ سنڌ سکر) شير محمد کهاوڙ (روزاني اپيل ڪراچي) شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ پرنٽ ميڊيا جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي سنڌ انفارميشن جي ناروا سلوڪ جي نندا ڪئي وئي،   گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندڙن چيو ته خاص اشتهارن جي حصي طور پرنٽ ميڊيا کي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو، سالياني بجيٽ جي 50 سيڪڙو حصي بدران ڏهه سيڪڙو حصو به نه ٿو ڏنو وڃي جنهن سبب اخبارن جي مالي صورتحال انتهائي سقيم ٿي وئي آهي، هاڻ اخبارن جي ڇپائي پڻ خطري ۾ پئجي وئي آهي، مٿان وري اٽڪل 8 مهينن کان بجيٽيڊ اشتهارن جي ادائيگي به نه ڪئي وئي آهي، موجوده مالياتي سال دوران ناڻي کاتي 400 ڪروڙ جاري ڪيا ويا جن مان هن وقت تائين پرنٽ ميڊيا کي 5 ڪروڙ به نه ڏنا ويا آهن، سرڪاري عملدارن ۽ نگران حڪمرانن جي يقين ڏيارڻ جي باوجود ادائيگي نه ٿي ڪئي وڃي، سئو سيڪڙو بجيٽ سان اليڪٽرانڪ ميڊيا کي نوازيو وڃي ٿو، جيڪا سراسر پرنٽ ميڊيا  سان ناانصافي آهي، هن گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندڙن، وس وارن کي هن مسئلي کي حل ڪرڻ جي گذارش پڻ ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.