پ پ ن ليگ اتحاد جو عمران جي روين تي دارومدار

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)  پ پ ۽ ن ليگ جو حڪومتي اتحاد ڪيترو وقت ھلي سگھندو ؟ ڇا اھو پنج سال پورا ڪري سگھندو يا نھ ؟ ان جو فيصلو عمران خان کي ڪرڻو آھي. سينئر صحافي جاويد چوڌري جو چوڻ آھي تھ جيڪڏھن عمران ايوان اندر ۽ ايوان کان ٻاھر سخت اپوزيشن ڪئي تھ اھو اتحاد نھ ٽٽندو، ان  سان ممڪن آھي تھ اتحاد پنج سال پورا بھ ڪري وڃي ۽ پ پ مسلم ليگ ن سان ڪابينا ۾ بھ شامل ٿي وڃي پر جيڪڏھن عمران خان ٿڌي اپوزيشن وارو ڪردار ادار ڪيو تھ اھو  اتحاد ان ڪري ٽٽي ويندو جو پ پ پ پنھنجي ڳالھھ ڪندي ۽ ن ليگ پنھنجو فائدو ڏسندي. اتحاد ۾ پ پ نقصان ۾ آھي، ان ڪري اھا وڌيڪ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي،جنھن تي ن ليگ مزاحمت ڪندي،جنھن تي معاملو خراب ٿي ويندو ۽ اتحاد ٽٽي ويندو. صحافي دعويٰ ڪئي تھ اتحاد جي قائم رھڻ جو فيصلو عمران خان کي ڪرڻو آھي.جيڪڏھن ھن سخت اپوزيشن ڪئي تھ ٽئي جماعتون پاڻ سان ان خوف کان جڙيل رھنديون جو متان عمران خان انھن کي ناس نھ ڪري ڇڏي.

سني اتحاد سان اتحاد کانپوءِ پي ٽي آءِ لاءِ پارلياماني اڳواڻ مقرري ۾ ڏکيائي

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سني اتحاد ڪائونسل سان اتحاد ڪرڻ بعد پارلياماني ليڊر جو فيصلو ڏکيو ٿي پيو آھي.ھن وقت پي ٽي آءِ جي 83آزاد اميدوارن جا حلف ناما سني اتحاد ڪائونسل کي ڏنا ويا آھن.اڃان بھ 11 ميبر رھن ٿا جن سان رابطي جي ڪوشش ڪئي پئي  وڃي پر اھي پارٽي کي نھ پيا ملن،پارٽي ان ڪوشش ۾ رڌل آھي.انھن جي شامل ٿيڻ سان اھو انگ 93 کان 95 ٿي ويندو. ھنن ٻنھي ڌرين جي ملڻ بعد ھاڻي سوال آھي تھ پارلياماني ليڊر ڪير ھوندو ،بئريسٽر گوھر خان ھوندو يا صاحبزادو حامد رضا خان ھوندو،حامد رضا جو چوڻ آھي تھ جڏھن پي ٽي آءِ اسان سان شامل ٿي آھي ۽ ھو پارٽي جو چيئرمين آھي تھ ھن کي قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني ليڊر ٿيڻ گھرجي.جيڪڏھن ائين ٿئي ٿو تھ ۽ ھو ئي اپوزيشن ليڊر بڻجي وڃي ٿو تھ پوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف عمران خان جي ھٿ مان کسڪي سگھي ٿي.جنھن جو پي ٽي آءِ وارن کي خوب اندازو آھي.اھڙي صورت ۾ ائين بھ ٿي سگھي ٿو تھ جيڪڏھن حامد رضا بگڙي پيو تھ پوءِ وري پاڪستان تحريڪ انصاف واپس نھ اچي سگھندي.

نوٽ: هي خبرون روزاني عوامي آواز جمعو 23 فيبروري 2024 تي شايع ٿيون

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.