اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سني اتحاد ڪائونسل سان اتحاد ڪرڻ بعد پارلياماني ليڊر جو فيصلو ڏکيو ٿي پيو آھي.ھن وقت پي ٽي آءِ جي 83آزاد اميدوارن جا حلف ناما سني اتحاد ڪائونسل کي ڏنا ويا آھن.اڃان بھ 11 ميبر رھن ٿا جن سان رابطي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر اھي پارٽي کي نھ پيا ملن،پارٽي ان ڪوشش ۾ رڌل آھي.انھن جي شامل ٿيڻ سان اھو انگ 93 کان 95 ٿي ويندو. ھنن ٻنھي ڌرين جي ملڻ بعد ھاڻي سوال آھي تھ پارلياماني ليڊر ڪير ھوندو ،بئريسٽر گوھر خان ھوندو يا صاحبزادو حامد رضا خان ھوندو،حامد رضا جو چوڻ آھي تھ جڏھن پي ٽي آءِ اسان سان شامل ٿي آھي ۽ ھو پارٽي جو چيئرمين آھي تھ ھن کي قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني ليڊر ٿيڻ گھرجي.جيڪڏھن ائين ٿئي ٿو تھ ۽ ھو ئي اپوزيشن ليڊر بڻجي وڃي ٿو تھ پوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف عمران خان جي ھٿ مان کسڪي سگھي ٿي.جنھن جو پي ٽي آءِ وارن کي خوب اندازو آھي.اھڙي صورت ۾ ائين بھ ٿي سگھي ٿو تھ جيڪڏھن حامد رضا بگڙي پيو تھ پوءِ وري پاڪستان تحريڪ انصاف واپس نھ اچي سگھندي.