لاهور(عوامي آواز نيوز) ايندڙ حڪومت ۾ پروجيڪٽ عمران خان جي ھر نشان کي ختم ڪيو ويندو.ناليواري تجزئي نگار گوھر بٽ پنھنجي وي لاگ ۾ ڳالھائيندي چيو آھي ته حڪومت جڙڻ کان اڳ ۾ ئي مختلف سرڪاري ادارن ۾ عمران خان جي حامي آفيسرن کي ھٽائڻ جي لاءِ اتحادين ۾ صلاح مشورا جاري آھن. مٿين اداري کان سواءِ ھيٺين سمورن ادارن مان پروجيڪٽ عمران خان جا نشان مڪمل طور تي ختم ڪيا ويندا. ان سلسلي ۾ طاقتور ڌر به سندن ساٿ ڏيندي. گوھر بٽ وڌيڪ اھو به چيو ته ان ڪارروائي جي زد ۾ اڳوڻو چيف جسٽس ثاقب نثار سميت رٽائرڊ ڪيل، استعيفا ڏئي ويندڙ توڙي حاضر سروس جج به اچي سگھن ٿا. گوھر بٽ آخر ۾ وضاحت ڪندي چيو ته ان سڄي عمل مان طاقتور ادارو محفوظ رھندو.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 23 فيبروري 2024 تي شايع ٿي