ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي اميدوارن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ پ پ سنڌ جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هن خطاب ڪيو.
پ پ چيئرمين اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي اميدوارن جو اعلان ڪيو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ ۾ وڏي وزير جو اميدوار مراد علي شاهه هوندو، سنڌ اسيمبلي اسپيڪر جو اميدوار اويس شاهه ۽ اقليتي ميمبر انٿوني نويد ڊپٽي اسپيڪر جو اميدوار هوندو.
You might also like