راولپنڊي(عوامي آواز نيوز) عليمه خان سوال ڪندڙ صحافي تي چڙي پئي. تفصيل موجب عليمه خان کان ھڪ نوجوان صحافي سوال ڪندي پڇيو ته عمران خان ته اڳ ۾ آمريڪا مخالف ھجڻ جو تاثر ڏيندو ھو ۽ کيس پنھنجي حڪومت جي خاتمي جو ذميدار پڻ سڏيو ھو پر ھاڻ ھو آمريڪا کان مدد طلب ڪري رھيو آھي، عليمه خان کيس سوال جو جواب ڏيڻ جي بدران مٿس چڙي پئي ۽ نازيبا لفظ ڳالھايا.