وزيراعظم شهباز شريف 24 ارب ڊالر جو قرض ڪيئن لاهيندو؟

تحرير؛ سڪندر چنو

ملڪ جي معاشي حالت جو هاڻي ذميوار شهباز شريف هوندو. هڪ اهڙو ڏينهن به اچڻو آهي جڏهن شهباز شريف جون محنتون رنگ آڻينديون ۽ پنجاب ۾ ڪوبه ماڻهو مسلم ليگ ن جو نالي وٺڻ وارو ڪونه رهندو. پنجاب ۾ پ پ جو گورنر ٿيندو. ان سان پ پ پنجاب ۾ سياسي ساک جيڪا پهريان وڃايل آهي ٿورو ڪجهه بچي ويندي ۽ ووٽ بئنڪ ۾ اضافو ٿيندو. زرداري ان صف بنديءَ ۾ آهي ته جيئن پنجاب ۾ پي پي جي وڃايل ساک کي هڪ ڀيرو ٻيهر بحال ڪري وٺي. ان کان علاوه پ پ پنجاب ۾ ن ليگ کان هڪ جيترا ترقياتي فنڊ به گهري ورتا آهن. جنهن تي ن ليگ حامي ڀري آهي. بحرالحال ن ليگ کي اٺ تي نانگ ڏنگيو آهي. اڳتي هلي ن ليگ ۽ پ پ ۾ اختلاف اڀري سامهون ايندا. مريم نواز انا پرست آهي. اها پ پ جي گورنر سان هلي ڪونه سگهندي. ڪاش جيڪڏهن تحريڪ انصاف پ پ سان گڏجي پوي ها ته پنجاب ڪي پي ڪي ۽ مرڪز ۾ گڏجي حڪومت ڪري وٺن ها ۽ ائين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم ٿئي ها ۽ باقي اهم وزارتون تحريڪ انصاف کي ملي وڃن ها. ڪجهه مهينن ۾ اهڙي قسم جو فارمولو سامهون اچي سگهي ٿو ۽ ن ليگ حزب اختلاف ۾ رهي وڃي.

بحرالحال حڪومت سازي جو عمل جلد مڪمل ٿيڻ وارو آهي ۽ شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر عوام جي اهنجن ۽ تڪليف ۾ اضافو ڪرڻ وڃي رهيو آهي. آصف زرداري صدر هوندي کليل ۽ تازي هوائن ۾ وڏا وڏا ساهه ڀريندي مزا ماڻيندو. اسٽيبلشمينٽ جي سخت لهجي کان پوءِ حڪومت مڪمل ٿي رهي آهي. چوڻ وارا چون ٿا ته هي مخلوط حڪومت هڪ سال کان وڌيڪ نه هلي سگهندي ۽ ڪجهه مهينن ۾ پنهنجو رنگ ڏيکارڻ شروع ڪندي. هن وقت ملڪ سخت معاشي مشڪلاتن ۾ ڦاٿل آهي. شهباز شريف آڏو وڏا وڏا معاشي مسئلا آهن. امن و امان جو مسئلو به اهم آهي. ۽ پاڪستاني پنهنجو پاڻ کي غير محفوظ تصور ڪري رهيو آهي. بگڙيل معاشي صورتحال آخرڪار ڪيئن ٺيڪ ٿيندي؟ ايندڙ مارچ ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي 24 ارب ڊالر قرض واپس ڪرڻو آهي. اهو ڪيئن ممڪن ٿيندو؟ جيڪڏهن قرض واپس نه ڪيو ويو ته پوءِ ورلڊ بئنڪ يا آءِ ايم ايف ايندڙ قسط ڪونه ڏيندي. جيڪڏهن قرض جي قسط نه ملي ته حڪومت هلي ڪونه سگهندي. ملڪ کي ڪرپشن کائي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي. باقي ايندڙ حڪومت ملڪ کي اپاهج ڪري ڇڏيندي. فوج کي لاجسٽڪ لاءِ پئسو گهرجي گاڏين جو تيل. هٿيارن جي مرمت ۽ ٺاهڻ لاءِ پئسو گهرجي. ملازمن جو پگهارون وڌائڻيون آهن. بجلي ۽ گئس جي قيمتن کي گهٽ ڪرڻو آهي. پيٽرول جون قيمتون ناهن وڌائڻيون. مون کي لڳي ٿو ته شهباز شريف پي ڊي ايم جي 16 مهينن جيان ملڪ کي معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاسائيندو ۽ پيٽرول 300 کان مٿي ٿي ويندو. جيڪڏهن پاڪستان ڊفالٽ ڪري ٿو ته پوءِ ملڪ جي دنيا ۾ ساک ڏاڍي خراب ٿيندي. بحرالحال ن ليگ جي نواز شريف ۽ شهباز شريف وٽ ذاتي ملڪيت ۽ ايترو پئسو آهي جو هو ملڪ ۾ نيٽ ڪيش 50 ارب ڊالر آڻي سگهن ٿا ۽ انهن کي آڻڻ گهرجن. ان سموري معاملي جو اسٽيبلشمينٽ بغور جائزو به وٺي رهي آهي. ضرور اسٽيبلشمينٽ ڪا معاشي پلاننگ ڪئي هوندي. ڪجهه مهينا پهريان آصف زرداري به چيو هيو ته جيڪڏهن بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو وزيراعظم ٿئي ٿو ته هو ٻاهران 100 ارب ڊالرن جي سيڙپ ڪاري لاءِ سيڙپ ڪار آڻيندو. هن وقت ملڪ جي اڪثر ڳوٺن ۽ علائقن ۾ بجلي ناهي. گئس ناهي. ڪنهن به ايٽمي ملڪ ۾ بجلي چويهه ڪلاڪ موجود هوندي آهي. ن ليگ وڏي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل نظر اچي ٿي.

تحريڪ انصاف هڪ مضبوط اپوزيشن هوندي اها حڪومت کي هلڻ ڪونه ڏيندي. شهباز شريف چاهيندو ته روس ۽ ايران کان سستو تيل ۽ گئس خريد ڪري مگر آمريڪا سندس سامهون پهاڙ جيان بيٺل هوندو. آخرڪار ڇا ٿيندو ملڪ جو؟ هن وقت ن ليگ کي گهرجي ته گهٽ ۾ گهٽ 50 ارب ڊالر پنهنجا ذاتي ملڪ ۾ سيڙپ ڪري. آصف زرداري حڪومت ۾ وزارتون نه وٺي هڪ بهتر قدم کنيو آهي ۽ پ پ جي ووٽ بئنڪ کي بچائي ورتو آهي. سنڌ ۾ ويڙهه ٿيندي ايم ڪيو ايم ۽ پي پي وچ ۾ گورنرشپ لاءِ. بحرالحال پاڪستان تحريڪ انصاف جي عمر ايوب ۽ بئريسٽر گوهر پاڻ کي وحدت المسلمين ۾ شامل نه ڪيو آهي وڏي گيم آهي ۽ جلد تحريڪ انصاف جي انٽرا پارٽي اليڪشن ٿيندي جنهن ۾ اڪثريت سان وقتي چيئرمين چونڊيو ويندو ۽ جيڪي وحدت المسلمين ۾ تحريڪ انصاف جا چونڊيل اميدوار ويا آهن اهي واپس تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي ويندا ائين پاڪستان تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي ۾ سڀني کان وڏي پارٽي ٿي اڀرندي ۽ لڳي ٿو ته شهباز شريف جو وزيراعظم ٿيڻ وارو خواب اڌ ۾ رهجي ويندو. تحريڪ انصاف، پ پ، ايم ڪيو ايم ۽ مولانا فضل الرحمٰن گڏجي وفاق ۾ حڪومت ٺاهينديون ۽ اهيو به لڳي پيو ته ملڪ جو ايندڙ مضبوط وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري هوندو. بحرالحال 29 فيبروري کان پهريان ملڪ جو  سياسي منظرنامو تبديل ٿيندي ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

ايندڙ مارچ ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي 24 ارب ڊالر قرض واپس ڪرڻو آهي. اهو ڪيئن ممڪن ٿيندو؟ جيڪڏهن قرض واپس نه ڪيو ويو ته پوءِ ورلڊ بئنڪ يا آءِ ايم ايف ايندڙ قسط ڪونه ڏيندي. جيڪڏهن قرض جي قسط نه ملي ته حڪومت هلي ڪونه سگهندي. ملڪ کي ڪرپشن کائي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي. باقي ايندڙ حڪومت ملڪ کي اپاهج ڪري ڇڏيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.