سياست کيڏڻي آھي يا مسئلا حل ڪرڻا آھن؟

تحرير؛ شفيق الرحمان شاڪر

ملڪ جون ٻه وڏيون سياسي پارٽيون پاڪستان مسلم ليگ نواز ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي نيٺ حڪومت سازيءَ جي عمل تي متفق ٿي ويون يا ايئن چئجي ته متفق ڪرايون وييون ۽ ڪجهه ئي ڏينھن ۾ حڪومت سازيءَ جو عمل مڪمل ٿي ويندو پر ڇا ايندڙ حڪومت ۾ اھا صلاحيت ھوندي جو ملڪ کي درپيش ڳرن مسئلن کي حل ڪري سگهي.پاڪستان آباديءَ جي لحاظ کان دنيا جي وڏن ملڪن ۾ شامل آھي.اٽڪل پنجويهھ ڪروڙ ماڻھن جي ملڪ ۾ اھڙي ئي ڪا حڪومت ٺھندي جھڙيون حڪومتون اسان ھتي ڏھاڪن کان ڏسي رھيا آھيون؟ ڇا اھڙي گورننس سان ايڏي وڏي ملڪ کي ھلائي سگهجي ٿو؟ڇا ڪروڙين ماڻھن جو اھو بنيادي حق ناھي ته آزاديءَ بعد ستر سالن کان مٿي عرصو گذرڻ بعد به شھرين جي وڏي اڪثريت زندگي گذارڻ جي بنيادي سھولتين کان به محروم آھي.جنھن انداز سان ملڪي معاملن کي ھلايو پيو وڃي، ڪروڙين انسانن جي صحت، مستقبل ۽ تعليم جھڙن بنيادي معاملن سان گڏوگڏ ملڪي امن امان کي به سخت خطرا لاڳو آھن.بجلي، گئس، پيٽرول، کاڌي پيتي جون شيون ايستائين جو اٽو به پھچ مان نڪري چڪو آھي.پگھاردار طبقو پيسجي چڪو آھي،ھر طرف بيروزگاري جو راڪاس گهمي رھيو آھي.

نگران حڪومت نه رڳو ويندي ويندي بجلي، گئس ۽ پيٽرول مھانگو ڪري رھي آھي پر زندگي پچائيندڙ دوائن ۾ به زبردست واڌ ڪئي ويئي آھي.ٻڌايو پيو وڃي ته حڪومت دوائن جون قيمتون ڊي ريگيوليٽ ڪندي فارماسوٽيڪل ڪمپنين کي اگهه مقرر ڪرڻ جو اختيار ڏيئي ڇڏيو آھي جيڪو حڪومت جو نھايت ئي ظالماڻو فيصلو آھي.جيڪر گڏيل طور تي ڏٺو وڃي ته پيٽروليم مصنوعات، بجلي ۽ گئس جي قيمتن ۾ واڌ ٿئي ٿي ته ان سان زندگيءَ جون سموريون بنيادي ضرورتن جون شيون مھنگيون ٿين ٿيون ۽ ھڪ شيءَ جو ٻي شيءَ تي اثر پوي ٿو.سمجھه ۾ نٿو اچي ته ايندڙ حڪومت وٽ ڪھڙي حڪمت عملي ھوندي جنھن سان اھا عوام کي مھانگائيء جي طوفان کان بچائي سگهندي جڏھن ته ايندڙ ڪجهه مھينن ۾ آئي ايم ايف سان ٿيندڙ شرطن شروطن جي نتيجي ۾ ھيءَ ڌرتي غريب ماڻھن لاءِ جھڙيءَ طرح ٽانڊو بڻجندي نظر اچي رھي آھي، ايندڙ حڪومت وٽ ڪھڙو علاءِالدين جو ڏيئو ھوندو جو اھا پنھن جو پاڻ کي عوام کي عوام جي غيض غضب کان بچائي سگهندي.گذريل مھيني ماڻھن جا جيڪي گئس جا بل آيا آھن انھن سندن چيلھه چٻي ڪري وڌي آھي. قيمتن ۾ توازن آڻڻ ايندڙ حڪومت لاءِ وڏو چيلينج ھوندو.انھن حالتن ۾ سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسيءَ بجلي مھنگي ڪرڻ جي درخواست به جمع ڪرائي ڇڏي آھي. سي پي اي طرفان جنوريءَ کان فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ ھيٺ بجلي ھڪ مھيني لاءِ مھنگي ڪرڻ جي درخواست به نيپرا ۾ جمع ڪرائي ويئي آھي جنھن مطابق بجليءَ جي قيمتن ۾ ست روپيا تيرھن پئسا واڌ جو مطالبو ڪيو ويو آھي.جيڪر اھا درخواست منظور ٿئي ٿي ته پوءِ صارفين تي 66 ارب 70 ڪروڙ روپين جو واڌو بار پوندو.گرميءَ جي موسم شروع ٿيڻ بعد سڀ کان وڏو مسئلو مھنگي بجلي ۽ ان کان به وڏو مسئلو بجليءَ جي بنان رڪاوٽ فراھمي ھوندو.

نوجوانن لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ به ايندڙ حڪومت جي لاءِ ھڪ وڏو چيلينج ھوندو ۽ اھڙين تعميري سرگرمين جي اوسر پڻ جن سان ملڪ جي نوجوانن کي انگيج ڪري سگهجي.امن امن جو اھڙو ماحول پيدا ڪرڻ ۽ سياسي استحڪام جون حالتون جوڙڻ جو غير ملڪي سيڙپڪاري گهڻي ۾ گهڻي ٿئي جيئن ملڪ جي مالي ذخيرن ۾ اضافو ٿي سگهي.ظاھر آھي ته ان ڏس ۾ ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ سياسي ڌرين ۾ ڳالهھ ٻولھه جاري رھڻ بنيادي اھميت رکن ٿا. جڏھن سياسي ڌرين ۾ ڳالھه ٻولھه جو ذڪر ٿئي ٿو ته ان مان مراد ملڪ جا سمورا سياسي گروه ۽ پارٽيون مراد آھن جيڪي ملڪي آئين ۽ قانون تي يقين رکن ٿيون.ظاھر آھي ته پاڪستان تحريڪ انصاف پڻ ملڪ جي ھڪ وڏي سياسي حقيقت آھي ۽ ان کي ڪنھن به ساسي عمل کان ٻاھر رکي ڪري ملڪ ۾ استحڪام آڻي نٿو سگهجي. ان ڪري نئين حڪومت جي لاءِ ضروري ھوندو ته اھا سمورين سياسي ڌرين توڙي مقتدره سان ”گرينڊ ڊائلاگ“ جو بندوبست ڪري ملڪ کي درپيش سنگين بحرانن مان ٻاھر ڪڍڻ لاءِ ڪا موثر گڏيل حڪمت عملي جوڙي.معيشت جي ميدان ۾ مناسب پاليسين تي اتفاق راءِ پيدا ڪيو وڃي. اھم ڳالهھ اھا ته ڪنھن به طرح ملڪي سياست ۾ پيدا ٿيل غصي، ڪاوڙ ۽ نفرت کي گهٽائڻ لاءِ دانائيءَ سان ڪوششون ورتيون وڃن. انھن حالتن ۾ ملڪ جي سمورين سياسي جماعتن کي جوش بدران ھوش کان ڪم وٺڻ جي ضرورت آھي، اھي ملڪ جي ڪروڙين محروم ماڻھن جي مسئلن ۽ مشڪلن کي سامھون رکندي انھن تي ڪجهه رحم ڪن ۽ ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام جي بحاليءَ لاءِ پنھن جن سياسي فائدن کي ھڪ پاسي رکي جمھوري عمل کي سگهارو ڪن.سموريون سياسي جماعتون دعوِيٰ ته اھا ئي ٿيون ڪن ته کين عوام جي مڪمل حمايت ۽ مينڊيٽ حاصل آھي پر جڏھن عوام جي مسئلن جي حل جي ڳالهھ اچي ٿي ته اھي سڀ پنھن جي ڏيڍ فٽ جي سياسي مسجد بڻائي ھڪ ٻئي جي ڏاڙھي پٽ ۾ لڳيو وڃن.

اھو تماشو آخر ڪيستائين ھلندو.منھن جي خيال ۾ ھاڻي نه ته عوام ۾ وڌيڪ اهڙو ڪو تماشو برداشت ڪرڻ جي پھچ رھي آھي ۽ نه ئي مقتدره توڙي سياسي ڌرين وٽ ھاڻي ڪا اھڙي گنجائش باقي رھي آھي. ھاڻوڪا چونڊ نتيجا ھر ڌر کي سندس حصي جو سبق سيکاري چڪا آھن، عقل وارن لاءِ ان ۾ عبرت جو گهڻو سامان آھي جيڪر ڪنھن کي ڪجهه به عقل آھي ته!

ملڪ جون ٻه وڏيون سياسي پارٽيون پاڪستان مسلم ليگ نواز ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي نيٺ حڪومت سازيءَ جي عمل تي متفق ٿي ويون يا ايئن چئجي ته متفق ڪرايون وييون ۽ ڪجهه ئي ڏينھن ۾ حڪومت سازيءَ جو عمل مڪمل ٿي ويندو پر ڇا ايندڙ حڪومت ۾ اھا صلاحيت ھوندي جو ملڪ کي درپيش ڳرن مسئلن کي حل ڪري سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.