جھڙي طرح سياسي نيم مردا ۽ عوام ۾ غيرمقبول حڪومت ٺاھي پئي وڃي، ان جي افغانستان جي اشرف غني جي حڪومت سان ھڪجھڙائي ھوندي،اھڙي ڪا بھ ٿاڦيل حڪومت پنھنجي قيام کان اڳ ئي اليڪشن چور جو تمغو سجائي ايندي،جھڙي طرح اشرف غني حڪومت جي ختم ٿيڻ تي ڊالرڳوڻين ۾ وجھي جھاز ڀري، افغانستان مان فرار ٿي ويو ھو.ھتي بھ اھڙي ڀاڄ ٿيندي.بلڪھ ھي حڪومت ان کان بھ وڌيڪ بدتر ھوندي.افغانستان ۾ اربين ڊالرن جي برسات باوجود تجربو ناڪام ٿيو ھو.پاڪستان جي معاشي حالت جي نسبت سان ان جو مثال ڪجهھ ھئين ھوندو تھ جھڙو ڪر ھڪ سياسي لاش تختي تي رکيو ويو ھجي ۽ ان جي بدبوءَ معاشري ۾ پکڙجي رھي ھجي.
ھاڻوڪين چونڊن کان اڳ مسلم ليگ ن اعلان ڪيو ھو تھ انھن جي مٿي ڳالھھ ٿي وئي آھي ۽ اقتدار انھن جي حوالي ڪيو ويندو.اھو تاثر عام ڪيو ويو تھ نوازشريف کي وزيراعظم بڻايو ويندو.جھڙي طرح آڪٽوبر 2023 ۾ ھڪ بادشاھ جيان نوازشريف جي لنڊن مان واپسي ٿي ،سندس ڪيس تڪڙا ختم ٿيا،ان سان بھ اھو تاثر عام ٿي ويو تھ نوازشريف ئي ملڪ جو وزيراعظم ٿيندو.جھڙي ريت ھن کي پروٽوڪول ڏنو ويو ھو ۽ جھڙي طرح ھن جي سياسي جلسن جلوسن جي لاءِ سرڪاري مشينري جو اھتمام ڪيو ويو ھو.ان مان محسوس ٿي رھيو ھو تھ اھو ئي ملڪ جو وزيراعظم ٿيندو.مسلم ليگ ن ”ملڪ کي نواز ڏيو “ جو نعرو لڳايو،چونڊن کان ٻھ ڏينھن اڳ سمورين اخبارن ۾ سڄي صفحي تي ھي اشتھار ڇاپيو ويو”نوازشريف پاڪستان جو وزيراعظم چونڊيو ويو“ يعني ٻين لفظن ۾ ماڻھن کي يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي تھ چونڊن جا نتيجا مسلم ن جي حق ۾ طئھ ڪيا ويا آھن،اھڙي ريت پي ٽي آءِ ،جي ماڻھن ۾ مايوسي پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي تھ انھن جي ووٽن سان ڪو فرق نھ پوندو، جئين اھي ووٽ وجھڻ لاءِ ٻاھر نھ اچن.
مسلم ليگ ن کي اطمينان ھو تھ پي ٽي آءِ،کي چونڊ عمل کان ٻاھر ڪري ڇڏيو آھي.عمران خان کي 31 سال شاھ محمود قريشي کي 10 سال ۽ بشريٰ بي بي کي 7 سال جي سزا ڏني وئي ھئي.پي ٽي آءِ،وٽ ڪو چونڊ نشان بھ نھ ھو.اڻڳڻيا ڪارڪن جيلن ۾ بند ھئا،ايتري تائين جو ڪو پي ٽي آءِ جو جھنڊو نڪتو پئي تھ ان کي گرفتار ڪيو پئي ويو.
پي ٽي آءِ، خيبرپختونخواھ کانسواءِ ڪٿي بھ چونڊ مھم ھلائي نھ سگھي.ڪي پي ڪي ۾ بھ ڪيترن ئي ھنڌن تي رڪاوٽن کي منھن ڏيڻو پيو،پوليس سان ٽڪراءُ بھ ٿيو،پر ھر ھنڌ ماڻھن جي وڏي انگ ۾ ٻاھر اچڻ جي نتيجي ۾ انتظاميا پوئتي ھٽڻ کي ترجيح ڏني، جيئن ڪو جھيڙو جھٽو نھ ٿئي.
پي ٽي آءِ جي چونڊ نشان ڦرجي وڃڻ جي بعد پي ٽي آءِ عملي طور تي تحليل ٿي وئي ھئي. جنھن بعد پاڪستان تحريڪ انصاف ان جي آزاد اميدوارن جي حمايت جو فيصلو ڪيو.جيڪي ان جا پنھنجا ڪارڪن ھئا.پنجاب ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي بي شمار اميدوارن کان نامزدگيءَ جا ڪاغذ پٽ ڦريا ويا،انتھائي رڪاوٽن ۽ مشڪلات سان ڪاغذ جمع ٿيا، ان بعد رٽرننگ آفيسر پاران رد ٿيل اميدوارن عدالتن کان رجوع ڪري بحال ڪرايا.
ٽيليويزن تي تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائي وئي،جنھن بعد پي ٽي آءِ،پنھنجي ڊجٽلائيز آن لائن مھم جو سھارو ورتو ۽ سوشل ميڊيا جي ذريعي پنھنجي ووٽرن سان رابطو ڪيو،اھي حالتون ھيون جنھن جي ڪري مسلم ليگ ن کي يقين جو تھ پي ٽي آءِ،پنھنجي ووٽرن کي گھرن مان ٻاھر ڪڊڻ ۾ ڪامياب نھ ٿيندي، انھن وٽ ٽرانسپورٽ جو بندوبست نھ آھي، پولينگ ايجنٽن جو بندوبست نھ آھي،اھي ڪئمپ نٿا لڳائي سگھن.پولنگ جي ڏينھن انٽرنيٽ سروس بند ڪئي وئي،تھ جئين پي ٽي آءِ، جي ووٽرز کي انھن جي پولنگ اسٽيشن جي باري ۾ معلومات نھ ملي سگھي،اڻڳڻيا اھڙا ڪٽنب ھئا،جتي ھڪ گھر جي چئن ماڻھن جي لاءِ جدا جدا ۽ ڏوراھين علائقن ۾ پولنگ اسٽيشن ھيون.
ان سموري صورتحال کي نظر ۾ رکندي مسلم ليگ ن کي پوري اميد ھئي تھ کين ھڪ سئو ٽيھھ کن سيٽون ملي وينديون ۽ پي ٽي آءِ،جا اميدوار ٽيھھ کان پنجٽيھھ جي لڳ ڀڳ سيٽون حاصل ڪري سگھندا.پر پولنگ مڪمل ٿيڻ جي بعد جڏھن نتيجا اچڻ شروع ٿيا تھ ھر ھنڌان پي ٽي آءِ، جي حمايت وارا آزاد اميدوار کٽي رھيا ھئا،جنھن سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.رات جو ڏھين وڳي بعد نتيجا رسائڻ جو ڪم روڪيو ويو.جڏھن تھ اليڪشن ڪميشن اعلان ڪيو ھو تھ رات جو ٻين وڳين تائين ھر صورت ۾ نتيجا مڪمل ڪيا ويندا.پر چونڊ نتيجن ۾ 48 ڪلاڪن جي دير ٿي وئي.ٻئي ڏينھن چونڊ نتيجن جي رجحان ۾ تبديلي جو سموري دنيا نوٽيس ورتو ۽ پي ٽي آءِ،سميت ڪئين جماعتن نتيجن ۾ وڏي پئماني تي ھيراڦيري جو الزام ھنيو.
ابتدائي نتيجن کي ٻڌڻ کانپوءِ نوازشريف ۽ ان جي خاندان جا ٻيا فرد مسلم ن جي صدر آفيس مان نڪري ڪري پنھنجي رھائش جاتي امرا ھليا ويا،يعني ابتدا ۾ انھن جو اھڙو قدم شڪست جي اعتراف جي برابر ھو.ان کانپوءِ ٿيل تبديلين کانپوءِ ٻيھر مسلم ليگ ن وارا آفيس آيا ۽ اتي خطاب دوران نواشريف ٻين جماعتن سان گڏجي ڪري حڪومت جوڙڻ جو فيصلو ڪيو.جنھن بعد وزيراعظم شھبازشريف جو نالو سامھون آيو.ائين محسوس ٿئي ٿو تھ ڄڻ نوازشريف جي حڪومت جڙڻ کان اڳ ئي ختم ٿي وئي.ھاڻي وري ڪوشش ڪئي پئي وڃي تھ شهباز شريف کي ئي وزيراعظم بڻايو وڃي. جيڪڏھن اھو وزيراعظم بڻجي بھ وڃي تھ ھن کي دلي طور اطمينان نھ ھوندو، کيس اھو خيال کائي ويندو تھ ھو مردا دلي سان نھ دل نھ چاھيندي حڪمران بنجي ڪري سامھون ايندو.چونڊن جا حقيقي نتيجا ھن جو پيڇو ڪندا رھندا ۽ سندس حواسن تي طاري رھندا.ملڪ جي اندر توڻي ٻاھر ھن جي ڪا پذيرائي نھ ھوندي، ھن جي چوگرد موجود ماڻھون بھ پويان جيڪو ھن بابت چوندا شايد ان جو بھ کيس اندازو ھوندو.
اھڙي طرح جو جعلي انتظام ملڪ کي ڪنھن بھ طرح سان مستحڪم ڪري نھ سگھندو ۽ دشمن ان جو ڀرپور فائدو وٺندو،ڪوڙ تي بيھاريل عمارت اھڙي کوکلي ھوندي جو اھا مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي ڊھي پوندي. ان جي ڊٿل ڍانچي کي عمارت جو نالو ڏئي ڪري ڪجھھ عنصر پنھنجي ذات جي تسڪين تھ ڪري سگھن ٿا پر اھا ملڪ ۾ بھتر نٿي آڻي سگھي.اھو سموري عمل معاشري ۾ جاري زوال ۾ وڌيڪ اضافو ڪندو،پي ٽي آءِ جي اڳواڻ شاندانھ گلزار چيو ھو تھ ”ملڪ جا سمورا پرزائيڊنگ آفيسر ۽ رٽرننگ آفيسر ميڊيا سامھون اھو حلف کڻن ۽ اعلان ڪن تھ اسان جا ڏنل فارم 45 غلط آھن ۽ انھن جي آرو جا فارم 47 صحيحي آھن، تھ اسين شڪست تسليم ڪنداسين،ٻي صورت ۾ پرزائيڊنگ آفيسرن جي صحيح ٿيل فارمن مطابق نتيجن جو اعلان ڪيو وڃي“ پاڪستان جي لاءِ ضروري آھي تھ اھو عدم استحڪام جي صورت کان نڪري ۽ ملڪ ۾ چونڊ عمل،عدليھ ۽ ٻين ادارن جي ساک جي بحالي جي لاءِ عوام کي ڪچلڻ جو عمل پاڪستاني رياست کي وڌيڪ ڪمزور ڪري ڇڏيندو.
جھڙي طرح سياسي نيم مردا ۽ عوام ۾ غيرمقبول حڪومت ٺاھي پئي وڃي، ان جي افغانستان جي اشرف غني جي حڪومت سان ھڪجھڙائي ھوندي،اھڙي ڪا بھ ٿاڦيل حڪومت پنھنجي قيام کان اڳ ئي اليڪشن چور جو تمغو سجائي ايندي،جھڙي طرح اشرف غني حڪومت جي ختم ٿيڻ تي ڊالرڳوڻين ۾ وجھي جھاز ڀري، افغانستان مان فرار ٿي ويو ھو.ھتي بھ اھڙي ڀاڄ ٿيندي.