اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ايم ڪيو ايم ۽ ن ليگ اڳواڻن جي وچ ۾ ٿيل ڳالهين جي اندروني ڪهاڻي منظرعام تي اچي وئي.
ايم ڪيو ايم ۽ ن ليگ وچ ۾ ڳالهيون گذريل رات اسلام آباد ۾ ٿيون.
ذريعن موجب، ن ليگ، ايم ڪيو ايم کي سنڌ جي گورنر شپ بابت خاطري ڪرائي ڇڏي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ خاطري ڪرائي آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جنهن جو نالو ڏيندي ان کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويندو.
ذريعن موجب، ان ڳالهه جو چٽو امڪان آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان طرفان سنڌ جي گورنر لاءِ ڪامران ٽيسوري جو نالو ئي ڏنو ويندو.
You might also like