اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) 8 فيبروري 2024 جي چونڊن کانپوءِ حڪومت سازي ۾ دير جو سبب سامهون اچي ويو، پ پ وفاق ۾ حصو وٺڻ واري خواهش تي ڳالهيون ڊيڊ لاڪ جو شڪار ٿيڻ تي طاقتور ڌرين پ پ ۽ ن ليگ کي حڪومت سازي ۾ وڌيڪ دير نه ڪرڻ جو اشارو ڏنو ، ذريعن عوامي آواز کي ٻڌايو ته پ پ ۽ ن ليگ جي گڏيل اتفاق سان حڪومت سازي لاءِ ڳالهين ۾ اتفاق ٿيو هو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر آصف علي زرداري هوندو پر اهيو اتفاق اوچتو ان لاءِ اختلاف جو شڪار ٿيو،جڏهن آصف علي زرداري اهم وفاقي وزارتون پ پ کي ملڻ واري ڳالهه پيش ڪئي ته ان معاملي ۾ ن ليگ هڪدم پنهنجو چٽو موقف پيش ڪندي چيو ته اهم وفاقي وزارتن ۾ صرف ۽ صرف ن ليگ جو حق بڻجي ٿو. ڇوته وفاق جي اهم وزارتن سان ئي ميان نوازشريف ۽ پارٽي جي ڪاميابي ۽ ناڪامي جو دارومدار هوندو، پ پ هڪدم پنهنجو موقف رکيو ته پوءِ سموريون وفاقي وزارتون ن ليگ وٺي ۽ پ پ صرف حڪومت جي حمايت واري تجويز پيش ڪرڻ تي ٻنهي پارٽين ۾ڳالهيون ڊيڊ لاڪ جو شڪار ٿيڻ لڳيون ۽ مذاڪرات مسلسل ناڪام نظر ٿيندا ويا جنهن سبب حڪومت سازي ۾ مسلسل دير ٿيڻ سبب هڪدم طاقتور ڌرين پ پ کي ڪابه وزارت نه وٺڻ تي مجبور ڪندي فوري حڪومت سازي لاءِ اڳتي اچڻ لاءِ راضي ڪيو ۽ طاقتور ڌرين پاران ن ليگ کي يقين ڏياريو ويو ته ڪنهن به وفاقي وزارت ۾ پ پ وزارتون نه وٺندي ۽ حڪومت جي ڀرپور حمايت به ڪندي ۽ ن ليگ حڪومت سازي لاءِ جلد تياري ڪرڻ ۾دير نه ڪري.ان سڄي معاملي کانپوءِ اوچتو 20 فيبروري جي رات هڪ پريس ڪانفرنس ۾حڪومت سازي جو اعلان ڪيو ويو جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر آصف علي زرداري واري ڳالهه ورجائي وئي. ذريعن اهيو ٻڌايو ته وفاق ۾ ن ليگ پاڻ کي اڳڀرو ڏسڻ ٿي چاهي ۽ ماضي ۾ڪرندڙ ساک کي هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ مضبوط پارٽي طور سامهون آڻڻ جي خواهشمند آهي.