ڊيپ اسٽيٽ ٻولين سميت قومن جي حقن جي مخالف، مادري ٻولين کي قومي قرار ڏيو

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي پريس ڪلب ۾ھيومن رائيٽس ڊولپمينٽ سوسائٽي پاران ڪراچي پريس ڪلب جي سھڪار سان  ٻولي جي عالمي ڏھاڙي جي موقي تي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب کي خطاب ڪندي پروفيسر توصيف احمد احمد چيو ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ڪراچي ۾ سنڌي ٻولي پڙهائڻ تي پابندي سان اردو ڳالهائيندڙ نسل جو نقصان ٿيو آھي،اردو ڳالھائيندڙ جتي اچي آباد ٿيا انھن کي سنڌي قوم کان ڌار ڪيو ويو، بعد ۾ 1972 دوران ٻوليءَ جي حوالي سان بل جي سخت مخالفت ڪراچي جي مذهبي جماعتن پاران ڪئي وئي، اھڙين سازشن تحت ئي سنڌي ٻولي ۽ اردو وچ ۾تڪرار جو بنياد پيو ۽ باني پاڪستان ملڪ ٺهڻ کان اڳ ننڍن صوبن جي حقن جي ڳالھھ ڪندو پر ملڪ قائم ٿيڻ کان پوءِ بنگلاديش ۾ بنگالي ٻوليءَ مٿان اردو کي مڙھڻ جو اعلان ڪيو ويو. هن چيو ته ڊيپ اسٽيٽ ٻولين سميت قومن جي حقن کي تسليم نه ٿي ڪري. ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازيءَ چيو ته جنهن ملڪ ۾ جمهوريت ۽ انساني حق موجود نه هجن، اتي قديم ٻولين ۽ ثقافتن کي تحفظ نه ٿو ملي سگهي. روزاني ھلچل ڪراچي جي چيف ايڊيٽر يونس مھر چيو تھ باني پاڪستان پاران بنگلاديش ۾ 21 فيبروري 1951ع ۾ بنگلا ٻولي جي حق ۾ ٿيندڙ احتجاج جي حوالي سان تقرير ڪندي اردو کي مڙھڻ جي نتيجي ۾ تحريڪ شروع ٿي، جنھن ۾ 5 بنگلاديشي شھرين جي شھيد ٿيڻ تي عالمي اداري پاران “ 21 فيبروري تي “ ٻولين جو عالمي ڏينھن” قرار ڏنو. ان ڪري ٻولين جي عالمي ڏھاڙي جو سھرو بنگلاديش واسين ڏانھن وڃي ٿو، اسان ھتي بنگلاديش ۾ شھيد ٿيندڙن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيون ٿا. ھن چيو تھ ملڪ اندر پنجابي، سنڌي، براھوي، سرائيڪي سميت سمورين ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏئي، پاڪستان لاءِ اردو کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي، جنھن سان ٻوليون ڳالھائيندڙن کي سندن قومي حق حاصل ٿيندو ۽ ملڪ ثقافتي طور تي ترقي ڪري سگھندو.  اڳوڻي سيشن جج ۽   وڪيل عنايت الله ڪانسي خطاب ڪندي چيو تھ بدقسمتي ءَ سان اسان جي ملڪ اندر سازشن لاءِ ھڪڙو بدترين مائينڊ سيٽ ڪيو ويو آھي، جنھن سان ھتي رھندڙ سمورين قومن جي ٻولين توڙي ثقافت جو استحصال ڪيو ويندو رھيو آھي، اھڙي ئي مائينڊ سيٽ سبب ملڪ جي سمورين قومن جو معاشي، ٻولي، ثقافتي، معاشرتي تباھي ڪئي پئي وڃي، جنھن سان ھڪٻئي لاءِ نفرتون جنم وٺي رھيون آھن. ھن چيو تھ بنگالين ٻولي جي حوالي سان خونخوار تحريڪ ھلائي نھ رڳو بنگلا ٻولي پر دنيا جي سمورين ٻولين جي تحفظ لاءِ شاندار قدم کنيو آھي. ناليواري دانشور بدر سومري خطاب ڪندي چيو تھ ملڪ جي سمورين يونيورسٽين سميت شعوري سگھھ مھيا ڪندڙ ادارن ۾ٻولين جو عالمي ڏينھن ملھائجڻ زبردست عمل آھي، جنھن سان مظلوم طبقن کي اتساھھ ملي رھيو آھي. ھن چيو تھ دنيا اندر استعماري قوتن ھميشھ پنھنجي ھڪ ھٽي قائم رکڻ لاءِ ٻولين کي نقصان پھچائڻ لاءِ سازشيون ڪيون وينديون رھيون آھن، جنھن کي ناڪام بڻائڻ جي ضرورت آھي. پروفيسر بدر بلوچ چيو تھ بلوچي ٻولي سان بھ ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. ھن چيو تھ بلوچ اڳواڻ جڏھن اقتدار کان ٻاھر ھوندا آھن تھ ٻولي سميت قومي حق ياد ھوندا آھن، پر جڏھن اقتدار ۾ ھوندا آھن تھ انھن کان لاتعلق ٿي ويندا آھن. خادم حسين سومرو چيو تھ برصغير جي ورھاڱي کان اڳ ٻولين وچ ۾ نفرت نھ ھئي، ان وقت ڪراچي مان الوحيد اخبار سميت گجراتي ٻولي جون ڪيتريون ئي اخبارون شايع ٿينديون ھيون، جنھن سان سنڌواسين پاران ٻولين سان محبت جو مثال وٺي سگھجي ٿو. ھن چيو تھ سنڌ واسين ھميشھ ٻين سمورين ٻولين ڳالھائيندڙن سان محبت ڪئي آھي، ان ڪري سنڌي ٻوليءَ سان نفرت نھ ڪرڻ گھرجي. ھن چيو تھ ملڪ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو پنجابي کي پنجابي، سنڌي کي سنڌي، بلوچ کي بلوچي ناھي بڻائڻو، اھڙي ذھنيت کي ھاڻي ختم ڪرڻ  گھرجي. روزاني عوامي آواز جي ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر حميدا گھانگھرو  چيو تھ افسوس تھ اسان جي سماج اندر سنڌي ماڻھو پنھنجي گھرن ۾ ٻارڙن سان سنڌي بھ ناھن ڳالھائيندا، جيڪا امڙ جي ٻولي سان وڏي ناانصافي آھي. ھن چيو تھ جن بھ قومن پنھنجي ٻولي کي وساريو، انھن ڄڻ پنھنجي امڙ کي وساري ڇڏيو ۽ تاريخ تان ميسارجي وينديون، ان ڪري اسان کي پنھنجن ٻارڙن سان نھ رڳو سنڌي ڳالھائڻ گھرجي، پر بنيادي تعليم پڻ سنڌي ۾ ئي ڏيارڻ گھرجي.  پروفيسر بدر بلوچ چيو تھ ٻولين جي حوالي سان اسان جا حڪمران ظلم ڪري رھيا آھن، ٻوليون ان وقت تائين ختم ناھن ٿينديون، جيسيتائين انھن جو اسڪرپٽ ختم ناھي ڪيو ويندو.  حبيب يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر نائلھ پروين چيو تھ پنجابي، سنڌي، بلوچي، پختونن سميت ٻين قومن کي پنھنجي ٻوليءَ کي اوليت ڏيندي انھن جي لھجي ۾ ئي نھ رڳو ڳالھائڻ گھرجي، پر لکت کي بھ برقرار رکڻ گھرجي. آمريڪا مان ڪھي آيل دانشور سڪندر بروھي چيو تھ ملڪ جي سازشي ٽول پاران گريٽر بلوچستان لاءِ بروھڪي ٻولي کي سازش تحت ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اھڙي سازش باھھ سان کيڏڻ برابر آھي. تقريب ۾ پروفيسر مسعود نوراني، واحد سومرو سميت ٻين گھڻي انگ ۾ اديبن، دانشورن شرڪت ڪئي، جڏھن تھ تقريب ۾ توقير چغتائي اسٽيج سيڪريٽري جا فرض سر انجام ڏنا. پروگرام ۾صحافين ذوالفقار راڄپر، شمس ڪيريو،  سجاد ميراڻي، سارنگ زين، قاضي اعجاز، راھب ڳاھو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.