ٽيليفون ڪال تي حڪومت سازي جا معاملا طئي ٿيا؟

لاهور(عوامي آواز نيوز) آخرڪار ٽيليفون ڪال اچي وئي، حڪومتي معامله طئي ٿي ويا، سينيئر صحافي ۽ تجزئي نگار گوھر بٽ ٽي ڏينھن اڳ دعوي ڪئي ھئي ته ھڪ اسلامي ملڪ مان ٽيليفون ڪال اچڻ واري آھي، جنھن کان پوءِ نواز ليگ جي سياسي ۾ راھه ۾ موجود سڀئي رڪاوٽون ھٽي وينديون، جيڪا دعويٰ درست ثابت ٿي آھي. گوھر بٽ پنھنجي وي لاگ ۾ ڳالھائيندي چيو آھي ته نواز ليگ ۽ پي پي ۾ عھدن تي اختلاف نه پر پاليسين تي ھئو. ڇو ته 30 جون تي26 ارب ڊالر قرض جي قسط واپس ڪرڻي آھي، جيڪا رقم گڏ ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي سرڪاري ادارن کي خانگايو ويندو، گوھر بٽ وڌيڪ چيو ته اميد آھي ايندڙ حڪومت ۾ ملڪي معيشت مستحڪم ٿئي پر سرڪاري ملازمن جي سرن تي نجڪاري واري تلوار لٽڪندي رھندي.

ٻن پرڏيهي شخصيتن ذريعي نوازشريف کي ٿڌو ڪيو ويو

ڪراچي (م ڊ) سينيئر صحافي ۽ خبرن تي عقابي نظر رکندڙ تجزئي نگار نصرت جاويد هڪ ٽي وي پروگرام ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف کي جڏهن 8 فيبروري تي وڪٽري تقرير ڪرڻ کان روڪيو ويو ته هو ان تي ڪاوڙجي پيوهو. سوچڻ وارن سوچيو ته عمران خان ئي باغي لڳو پيو آهي جيڪڏهن هن کي به سسٽم مان ناراض ڪبو ته پوءِ صورتحال ضابطي مان نڪري ويندي. نواز شريف عمران خان کان به خطرناڪ آهي، تنهن ڪري کيس راضي ڪرڻ لاءِ نار جي ٻن ملڪن جا ڪجهه صحافي گهرايا ويا جن ۾ هڪ سڌ سماءُ  جو وزير به هو. اها گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته نواز شريف لاهور مان مري ڇو ويو. اصل ۾ اتي پڻ سندس نار جي ٻن ملڪن جي انتهائي بااثر ۽ طاقتور شخصيتن سان ملاقات ڪرائڻ جو بندوبست ٿيل هو. ان ملاقات ۾ نواز شريف کي ٿڌو ڪري حڪومت سازي ۾ سهڪار جو چيو ويو ۽ نيٺ کيس مڃايو ويو تڏهن مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ ۾ حڪومت ٺاهڻ جو معاهدو ٿيو.

حڪومت جا 5 سال پورا ٿيڻ اسٽيبلشمينٽ جي مجبوري!

لاهور(عوامي آواز نيوز)پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنھن به وزيراعظم پنھنجو آئيني مدو پورو ناھي ڪيو، شھباز شريف  پنھنجو آئيني مدو پورو ڪندڙ پھريون وزيراعظم بڻجي سگھي ٿو، ناليواري تجزئي نگار سيد عمران شفقت چيو آھي ته اھا اسٽيبلشمينٽ جي مجبوري بڻجي وئي آھي ته ايندڙ حڪومت پنھنجا پنج سال پورا ڪري. ھن دعويٰ ڪندي چيو آھي ته  ايندڙ حڪومت پنھنجو آئيني مدو ھر حال  ۾ پورو ڪندي، گذريل حڪومتن جيان ڪنھن کي به  ڀڃ ڊاھه ڪرڻ ۽ ڌرڻا ڏيڻ جي نه ته اجازت ڏني ويندي ۽  نه ئي کين ان ڪم لاءِ اتساھيو ويندو. ھن وڌيڪ  چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪو به وزيراعظم پنھنجو آئيني مدو پورو ناھي ڪيو، شھباز شريف مدو پورو ڪندڙ پھريون وزيراعظم بڻجي سگھي ٿو، بھرحال ايندڙ حڪومت کي پنھنجو آئيني مدو يعني پنج سال پورا ڪرڻ ڏنا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.