ڪراچي ميٽرڪ بورڊ جي سموري ٽيم ۽ عملو امتحاني نتيجن ۾ ڦيرڦار جو ذميوار قرار

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) ڪراچي ميٽرڪ بورڊ جي سموري ٽيم ۽ عملو امتحان۾ ڦيرڦار جو ذميوار قرار، سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر انڪوائري ڪميٽي جي سفارشن تي عمل جي منظوري ڏئي ڇڏي.
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر کي ڪراچي ميٽرڪ بورڊ جي ڏهين ڪلاس جي 2023ع جي نتيجن ۾ ڦيرڦار بابت انڪوائري رپورٽ ملي وئي.
ترجمان جو چوڻ آهي ته سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن ڊاڪٽر شيرين مصطفيٰ جي سربراهي ۾ جاچ ڪئي وئي، انڪوائري ڪميٽي پنهنجي سفارشن بابت وڏي وزير کي بريفنگ ڏني.
انڪوائري ڪميٽي ڪجهه سفارشن تي عمل ڪرڻ لاءِ وڏي وزير کي آگاهه ڪيو.
ڪميٽي جو چوڻ آهي ته سموري امتحاني ٽيم نتيجن ۾ ڦيرڦار جي ذميوار آهي ۽ ڏوهي ثابت ٿي، ڪنٽرولر، ڊپٽي ڪنٽرولر، اسسٽنٽ ڪنٽرولر ۽ آءِ ٽي ٽيم سڀ غير ذميوار نڪتا.
انڪوائري ڪميٽي، ميٽرڪ بورڊ ۾ بي ضابطگين بابت اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ کي وڌيڪ جاچ جي سفارش ڪري ڇڏي.
انڪوائري ڪميٽي، بورڊ جي ذميوار آفيسرن خلاف ڊپارٽمينٽل ايڪشن وٺڻ جي سفارش ڪئ.
سنڌ جي نگران وڏي وزير ميٽرڪ بورڊ انڪوائري ڪميٽي جي سفارشن جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ڪميٽي رپورٽ موجب، جاچ دوران ڪو به ملازم بيان ڏيڻ وقت سنجيده نه هو، ان وقت جي امتحانن واري وقتي ڪنٽرولر عمران جو بيان غير سنجيده آهي، ڪو به نه ٻڌائي سگهيو ته اصل نتيجو ڪهڙو آهي ۽ ڪيتريون تبديليون ٿيون.
وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته اعلانيل نتيجن جي ڀيٽ لاءِ اصل رڪارڊ ڪميٽي کي فراهم نه ڪيو ويو.
ڪميٽي جي رپورٽ موجب، نتيجن ۾ ڦيرڦار دوران ڊپٽي ڪنٽرولر خالد احسان عهدي تي هو، بورڊ چيئرمين چيو ته خالد احسان جو سڌو سنئون تعلق نتيجن جي عمل سان آهي.
ڪميٽي ٻڌايو ته خالد کي جاچ ڪميٽي جو ميمبر به مقرر ڪيو ويو آهي، ميٽرڪ بورڊ جي آئي ٽي ونگ کي بورڊ انتظاميا مڪمل طور نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، ميٽرڪ بورڊ جي هن غفلت سبب هر طرح جي ڦيرڦار ۽ بدانتظامي شروع ٿي وئي.
ڪميٽي چيو ته اهو عمل نااهلي جو واضح ثبوت آهي ۽ بورڊ انتظاميا مطمئن ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام رهي، ميٽرڪ بورڊ ۾ او ايم آر سسٽم پهريون ڀيرو متعارف ڪرايو ويو آهي.
ڪميٽي رپورٽ موجب، امتحاني پيپرن جي جاچ ۾ شامل استادن کي ڪا به تربيت نه ڏني وئي، تربيت نه هئڻ سبب نتيجي ۾ وڏي انگ ۾ غلطيون سامهون آيون آهن، بورڊ آفيس انتظاميا طرفان ڪيترائي ڀيرا وڏيون بي ضابطگيون ڪيون ويون آهن.
ڪميٽي رپورٽ موجب، سمورن ذميوار آفيسرن خلاف ڊپارٽمينٽل ڪارروائي جي ضرورت آهي، بورڊ انتظاميا جا ڪجهه عنصرن بنيادي طور تي امتحانن تي اثرانداز ٿيا آهن، آئي ٽي سيل، سافٽ ويئر ڪنسلٽنگ فورم ۽ ڪنٽريڪٽ ايڊمنسٽريشن سست رفتاري جو شڪار آهي.
ڪميٽي چيو ته ائين لڳي ٿو ته نتيجن لاءِ پيشوراڻي طور تي ذميوار ناهن، ايگزامينيشن برانچ ۾ اهڙو عملو آهي جيڪو انڪوائري دوران غير معمولي ۽ لاپرواهه آهي، عملي هڪ ٻئي تي الزام هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا جيڪا انتهائي غير پيشوراڻي آهي.
ڪميٽي وڏي وزير کي آگاهي ڏيندي چيو ته بورڊ چيئرمين سڌارا آڻڻ، پراڻي ۽ نئين سسٽم کي هلائڻ ۾ ناڪام رهيو، بورڊ چيئرمين جي لاپرواهي سبب مجموعي ڪارڪردگيءَ کي نقصان پهتو.
ڪميٽي رپورٽ ۾ چيو آهي ته ٻاهرين خدمتن ذريعي سڄي امتحان ۾ نظرثاني جي ضرورت آهي، نيون ڀرتيون ۽ عملي جي تربيت وڌيڪ ضروري آهي، ڪردارن ۽ ذميوارن جو چيڪ اينڊ بيلنس سان احتساب ڪرائڻو پوندو، ڪنٽرولر آف ايگزامنيشن اهم عهدو آهي جنهنڪري هن لاءِ بهترين آفيسر کي اهو ڪم ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.