ڪراچي (رپورٽر) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي صدارتي اميدوار نامز ٿيڻ تي پ پ جي اڳواڻ نثار کهڙو مبارڪ ڏني آهي. جاري ڪيلبيان ۾ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو ته سياسي بحران مان ملڪ کي آصف زرداري ۽ پيپلزپارٽي ئي ڪڍي سگهي ٿي، هن چيو ته 18هين ترميم تحت صوبائي خودمختياري جي شقن تي عمل ڪرايو ويندو. هن چيو ته آصف زرداري جي صدر بڻجڻ سان اين ايف سي ايوارڊ جو رستو سڌو ٿيندو، پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر چيو ته نئين قومي مالياتي ايوارڊ ۾صوبن جو حصو اڃان وڌيڪ وڌايو ويندوصوبن جي وسيلن تي صوبن جو مڪمل حق تسليم ڪرايو ويندو، هن چيو ته غير جمهوري سازشي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا.