جي ڊي اي،پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي جو گڏيل جدوجهد تي اتفاق

ڪراچي(رپورٽر)گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس (جي ڊي اي) سنڌ جي چيف ڪوآرڊينيٽر سيد صدرالدين شاھ راشدي سان پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ ،جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمن سندس رھائش گاھ تي ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ موجوده سياسي صورتحال، فراڊ اليڪشن تي گڏيل سھڪار تي غور ويچار ڪيو ويو، ان حوالي سان جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم پنھنجي جاري بيان م چيو ت فراڊ چونڊن بابت جي ڊي اي ،پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي گڏيل جدوجھد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي، صدرالدين شاھ راشدي اڳواڻن کي 23 فيبروري تي ٿيندڙ اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني،سردار عبدالرحيم وڌيڪ چيو ته ملاقات م ان ڳالھ تي غور ويچار ٿيو ته اپوزيشن جي سخت گير تحريڪ سبب حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن وائڙائپ جو شڪار ٿي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.