هدايت الله لوهار جي وارثن سان انصاف خواب، قتل ڪيس داخل نه ٿيو، ڌرڻو

نصيرآباد(رپورٽ: بشيراحمد قلندراني بروهي) نصير آباد پوليس مقتول قوم پرست اڳواڻ شھيد ھدايت الله لوھار جي قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي، ڪيس داخل ڪرڻ ۾ به ناڪام رهي، چوٿين ڏينھن بہ ڌرڻو جاري رهيو. نصيرآباد ۾ قومپرست ڪارڪن ۽ پرائمري استاد هدايت لوهار جي ايف آءِ آر داخل نه ٿيڻ ۽ قاتل گرفتار نہ ٿيڻ خلاف ڪالھ چوٿين ڏينھن بہ انڊس هاءِ وي تي سسئي لوهار ۽ سورٺ لوهار جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو جاري رهيو جنھن سبب چئن ڏينھن کان سنڌ بلوچستان ، پنجا ب ڪي پي ڪي علاوه ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ڏانھن ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل رهي ڌرڻي ۾ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو، قومپرست اڳواڻ نواز خان زئور، جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ دودو ديشي، عبدالفتاح چنو سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن تعلقي بار ايسوسيئيشن نصيرآباد جي وڪيلن پ ٽ الف جي عھديدارن ۽ سول سوسائٽي جي ڪارڪن وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي ھوڏانھن مقتول جي نياڻين ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو عبدالرحيم شيرازي 3 ڪلاڪ ۽ ايس ايس پي قمبر ملڪ ڪليم الله وچ ۾ 4 ڪلاڪ ڳالھيون ٿيڻ باوجود وارثن جي مرضي مطابق ايف آءِ آر داخل نہ ٿيڻ سبب ڌرين ۾ اتفاق نہ ٿي سگھيو هيو جنھن سبب مقتول ھدايت لوھار جو قتل ڪيس سندس نياڻي سسئي لوھار وڪيل محب آزاد لغاري جي معرفت سيشن ڪورٽ قمبر ۾ ڪورٽ جي معرفت قتل ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ سيشن ڪورٽ قمبر ۾ آئيني درخواست داخل ڪرائي آهي ۽ سيشن جج قمبر درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏئي ايس ايس پي شڪايت سيل قمبر ۽ ايس ايڇ او نصيرآباد کي 26 فيبروري تي ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن ان موقعي تي سسئي لوهار ۽ سورٺ لوهار ٻڌايو تہ نصيرآباد پوليس اسان وارثن جي فرياد نہ ٿي وٺي ۽ اسان جي مرضيءَ مطابق ڪيس داخل نہ ٿي ڪري رڳو پنھنجيون ڳالهيون پيش پئي ڪري جڏھن تہ ڪافي ڏينھن ٿي ويا آھن قاتلن جا سي سي ٽي وي فٽيج پڻ پوليس کي مليا آھن پر هن مھل تائين قاتل گرفتار نہ ٿيا آهن نہ وري قاتلن جي ڪا جاچ نہ ڪئي وئي آھي جنھن سبب اسان چئن ڏينھن کان انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويٺا آهيون هنن چيو تہ پوليس جي اهڙي رويي سبب اسان سيشن ڪورٽ قمبر ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آهي جنھن ۾ ايس ايس پي قمبر ۽ ايس ايڇ او نصيرآباد کي ڌر بڻايو ويو آهي. هوڏانهن جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي جي قيادت رياض علي چانڊيو، نواز خان زئور، فتاح چنا، عزيز ﷲ ڀٽو، نواز شاھ ڀاڏائي، محمد علي خشڪ، سھيل ڪلوڙ ۽ اياز سولنگي ڪارڪنن سميت شھيد ھدايت لوھار جي قتل خلاف جاري ڌرڻي ۾ شريڪ ٿي، مقتول جي وارثن سان يڪجھتي جو اظھار ڪيو ۽ دعا گهري تعزيت ڪئي. ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي رھبر ڪميٽي جي سربراهه ۽ جيئي سنڌ محاذ جي چئيرمين رياض علي چانڊيو چيو ته ھتي غنڊا راڄ آھي ۽ اظھار جي آزادي کسي  وئي آھي. سياسي ڪارڪنن کي ھدايت لوھار وانگر سرعام گوليون ھڻي قتل ڪيو ٿو وڃي، جيڪو مڪمل اسٽيٽ ڪرائيم آھي. جنھن ڏينھن ھڪ طرف سنڌ ۾ بوگس چونڊن جي خلاف جي ڊي اي پاران حيدرآباد ۾ احتجاج ڪيو پئي ويو، ٺيڪ ان ڏينھن ھدايت لوھار کي شھيد ڪري اھو سمجھيو ويو ته شھيد جو خون ھضم ٿي ويندو، پر سنڌ ھن خون ناحق خلاف سراپا احتجاج آھي. رياستي ادارا قومي تحريڪ خلاف آپريشن پيا ڪن. ڌاڙيل انڊسٽري، پوليس گردي ۽ زرداري ٽولي جي ذريعي سنڌ جي ماڻھن کي خوفزده ڪيو پيو وڃي. قاضي فائز عيسي جي اچڻ سان عدالتن ۾ وڌيڪ اونداهي ٿي وئي آهي، انساني حقن جي ڀڃڪڙي عروج تي آهي. جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور خطاب ڪندي چيو ته هدايت لوهار جو قتل سياسي قتل آهي، هو هڪ پرامن سياسي ڪارڪن هو، جنهن کي دهشتگردي جو نشانو بڻايو ويو آهي. هدايت لوهار جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي. ان موقعي تي نواز شاهه ڀاڏائي، محمد علي خشڪ، فتاح چنا ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.