سنڌ ۾ گورنرشپ جي مطالبي تان هٿ نه کڻنداسين: ايم ڪيو ايم

ڪراچي (م ڊ) ايم ڪيو ايم  پاڪستان جا مسلم ليگ ن سان ڪيل مطالبا سامهون اچي ويا، ذريعن مطابق 3 مطالبا قانونسازي بابت ۽ ٻيا  سياسي نوعيت جا آهن، پهريون مطالبو آهي ته اين ايف سي   مان رقم صوبن بدران مقامي حڪومتن کي سڌي  منتقل ڪئي وڃي، ٻيو مطالبو آهي ته مقامي حڪومتن جو تسلسل هجي  ايم ڪيو ايم جو ٽيون مطالبو آهي ته ڪوٽا سسٽم تي سڄي ملڪ ۾ عمل ڪيو وڃي، ايم ڪيو ايم ڪامران ٽيسوري کي گورنر جي عهدي تي برقرار رکڻ جو مطالبو ڪري رهي آهي،مصطفيٰ ڪمال چيو ته سنڌ ۾ گورنر شپ اسان جو حق آهي، ان تان ڪنهن به صورت ۾ هٿ نه کڻنداسين، ڪامران ٽيسوري ئي گورنر سنڌ رهندو، هن چيو ته ڊيڊلاڪ ناهي ، معاملا طئي ٿي ويندا، اسان جو مطالبو بلدياتي ادارن کي خودمختار ۽ مضبوط ڪرڻ لاءِ ٽن آئيني ترميمن تي حمايت حاصل ڪرڻي آهي، ايم ڪيو ايم جو ڪو به مطالبو ناهي،حڪومت ۾ نالي ماتر نٿا رهڻ چاهيون، آئيڊيل صورتحال اها آهي ته وزارتون نه وٺون ۽ حڪومت جو ساٿ ڏيون ڇو ته هي حڪومت گلن جي سيج ثابت نه ٿيندي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.