اسلام آباد (م ڊ) پ پ بلوچستان ۾ حڪومت سازي لاءِ مشاورت مڪمل ڪري ورتي. ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ بلوچستان ۾ حڪومت سازي لاءِ مشاورت ڪئي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ بلوچستان جي وڏ وزارت لاءِ ٽن نالن تي غور ڪيو، جن ۾ صادق عمراڻي، ثناءُ الله زهري ۽ سرفراز بگٽي جا نالا شامل آهن.