اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) ٻن صوبن جا گورنر پ پ جي سفارش تي لڳندا،پ پ اهو چاهي ٿي ته پنجاب جو گورنر بڻجي ته هڪ ڪميٽي بڻائي جنهن ۾ صوبي ۾ چونڊيل پ پ اميدوار شامل هوندا، جيڪي ترقياتي رٿائن بابت سفارشون پيش ڪندا،پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز انهن جي منظوري ڏيندي،سينئر صحافي اعزاز سيد وي لاگ ۾ چيو آهي ته بي آءِ ايس پي جي سربراهي به پ پ وٺي رهي آهي،غالب امڪان آهن ته شازيا مري ان جي سربراهه ٿئي،منسٽر انڪليو ۾ ڳالهيون هفتي تائين جاري رهنديون، شروع ۾ فارمولو ن ليگ پاران ڏنو ويو ته اسان 3 سال حڪومت هلايون ٿا،بعد ۾ وزيراعظم ۽ ڪابينا اوهان(پ پ) جي هوندي جنهن تي پ پ انڪار ڪيو، پ پ چاهي پئي ته چار ئي گورنر، سينيٽ جي چيئرمين شپ،صدارت اسان وٽ هجي،ن ليگ ان تي انڪار ڪيو،پوءِ ٻن گورنرن تي اتفاق ٿيو،ڳالهين دوران پ پ هڪ اسمارٽ ڪارڊ کيڏيو،اسحاق ڊار چيو ته جيڪو ڪجهه توهان گهري رهيا آهيو ان کان سٺو آهي ته وزيراعظم ۽ حڪومت توهان کڻو ۽ اهي عهدا اسان کي ڏئي ڇڏيو،جنهن تي به پ پ راضي ٿي وئي،ن ليگ وارن کي ان ڳالهه جي امڪان جي خبر نه هئي،ڳالهين دوران اسحاق ڊار بار بار ٻاهر وڃي نوازشريف کي فون ڪالون ڪيون،بلاول گهڻو ڪجهه حاصل ڪري ورتو آهي ۽ لڳي به رهيو آهي ته حڪومت جو حصو ناهن،پ پ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر شپ به ماڻي ورتي آهي،ڳالهين دوران مولانا فضل الرحمان جي انڪشاف کانپوءِ تعطل به اچي چڪو هو،بلاول ۽ شهبازشريف وچ ۾ هڪ ڳجهي ملاقات به ٿي هئي، قومي اسيمبلي ميمبرن جي حلف برداري 29 فيبروري تي ٿيندي، 22 فيبروري کان مخصوص سيٽن بابت فيصلو ٿيندو، پي ٽي آءِ کي عورتن بابت مخصوص سيٽون نه ملنديون،شير افضل مروت لاءِ اپوزيشن ليڊر جو نالو سامهون اچي رهيو آهي، هن چيو ته سرڪاري بئنچن وٽ ڪمزور اخلاقي پوزيشن هوندي، نوازشريف کي چونڊن جي ٻئي ڏينهن اچي اعلان ڪرڻ گهرجي ها ته ماڻهن اسان کي هارائي ڇڏيو آهي، انهن پي ٽي آءِ کي وڌيڪ ووٽ ڏنو آهي،اهي حڪومت ڪن،پريس ڪانفرنس نه ڪرڻ جا نتيجا ن ليگ اڳتي هلي ڀوڳيندي،فراڊ جي ووٽن جي ٺهندڙ حڪومت هلي نه سگهندي، هن چيو ته پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار عوام جي ڊپ سبب پنهنجو ووٽ ئي ڪاسٽ نه ڪيو،پاڪستان ۾ روس جي سفير البرٽ گوريوف بغير ڪئميرائن جي پريس ڪانفرنس ڪئي،هن چيو ته يوڪرين جي حوالي سان پاڪستان آزاد پرڏيهي پاليسي اختيار ڪيو ويٺو آهي،پاڪستان يوڪرين کي هٿيار ناهن ڏنا، يوڪرين جي حوالي سان گڏيل قومن ۾ ووٽنگ تي به پاڪستان غيرجانبدار رهيو،عمران خان روس جو دورو ڪيو هو، اسان کي خبر آهي ته ان دوري کانپوءِ کيس حڪومت مان بي دخل ڪڍيو ويو، روس جي سفير عمران خان جي آمريڪا مخالف بيانئي جي تصديق ڪئي آهي، ان ڳالهه جا ملڪي سياست ۽ علائقائي صورتحال تي ڏور رس نتيجا نڪرندا.