ڪراچي ۾ 200 کان وڌيڪ گهڻ ماڙ عمارتون رٿابندي کان بغير تعمير

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ڪراچي ۾ گهڻ ماڙ عمارتن کي باهه لڳڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪي ايم سي عدالت ۾ عمارتن جي معائني بابت رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي .ڪي ايم سي جي رپورٽ موجب آءِ آءِ چندريگر روڊ، خالد بن وليد روڊ، شارع فيصل تي 200 کان وڌيڪ عمارتن جو معائنو ڪيو ويو.ڪي ايم سي جي عدالت ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 200 کان وڌيڪ گهڻ ماڙ عمارتون ناقص مٽيريل ۽ بغير پلاننگ جي تعمير ڪيون ويون، عمارتن ۾ فائر فائٽر سسٽم، ايمرجنسي ايگزٽ دروازا ۽ ٻيا انتظام نه آهن .ڪي ايم سي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته انهن عمارتن کي اين او سي جاري ڪرڻ وقت ڪي ايم سي سان به مشاورت نه ڪئي وئي ۽ انهن عمارتن کي مڪمل ٿيڻ جا سرٽيفڪيٽ بغير نظرثاني جي جاري ڪيا ويا.رپورٽ ۾ ڪي ايم سي چيو ته غير قانوني اڏاوتن ۽ اين او سي جاري ڪندڙن خلاف ڪارروائي ضروري آهي.ڪي ايم سي رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته اينٽي ڪرپشن کاتي ملوث ايس بي سي اي آفيسرن ۽ بلڊرز خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.