ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ چار ڄڻا زخمي ٿي پيا. سائيٽ بي ٿاڻي جي علائقي پراچا چوڪ شير شاھ ۾ ٻن ڌرين جي وچ ۾ جھيڙي جي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾عابد ولد غلام حسين ۽ باچا خان ولد شاھ زمين زخمي ٿي پيا آهن. بلوچ ڪالوني ٿاڻي جي علائقي گولڊ اپارٽمينٽ منظور ڪالوني ڀرسان اتفاقي گولي لڳڻ جي نتيجي ۾ سيڪورٽي گارڊ صفيان ولد صالح زخمي ٿيو. سپر ھاءِ وي احسن آباد چوڪ جي ڀرسان فائرنگ ۾ محمد فياض ولد غلام شبير زخمي ٿيو.