هدايت لوهار جا قاتل قانون کان ڏاڍا، ڪيس داخل نه ٿيو، 30 ڪلاڪن کان ڌرڻو

نصيرآباد(رپورٽ:بشيراحمد بروهي) نصيرآباد ۾  استاد ۽ قومپرست ڪارڪن هدايت لوهار جي قاتلن جي گرفتاري ۽ ڪيس داخل نہ ٿيڻ خلاف  احتجاجي ڌرڻو 30 ڪلاڪن کان جاري آهي، نصيرآباد ۾ موٽر سائيڪل سوار ٻن هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويل استاد ۽ قومپرست ڪارڪن هدايت لوهار جي قاتلن جي گرفتاري ۽ ڪيس داخل نہ ٿيڻ خلاف احتجاجي ڌرڻو  30 ڪلاڪن کان جاري آهي جنھن ۾ پ ٽ الف، گسٽا، شھري اتحاد، عوامي ورڪرز پارٽي، ناري جمھوري محاذ، ڪميونسٽ پارٽي، جيئي سنڌ تحريڪ، سنڌ سڀا، قومي عوامي تحريڪ، پ پ شھيد ڀٽو، نصيرآباد بار ڪائونسل، ايس يو پي، ايس ٽي پي، جي يو آءِ سميت مختلف ٻين تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ۽ سنڌ جي مختلف ضلعن مان سوين ماڻھن شرڪت ڪئي جن استاد جي قتل ۽ انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ڌرڻي سبب انتظاميا طرفان معطل ٿيل ٽريفڪ کي متبادل رستن کان موڪليو ويو، ٻئي طرف نصيرآباد بار ڪائونسل جي وڪيلن طرفان عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ۽ پ ٽ الف طرفان ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو ويو. مقتول جي نياڻين سورٺ لوهار، سسئي لوهار، سورھيہ سنڌي، سنڌو نواز گهانگھرو، ايڊووڪيٽ محب آزاد، انعام سنڌي، شبير سٺيو، حمزہ علي چانڊيو، شفيع محمد سٺيو، غلام رسول مھر ۽ ٻين چيو تہ هدايت لوهار قومي ورڪر ۽ پرامن شھري هيو جنھن انسان تہ ڇا پر ڪنھن پکي يا جانور کي بہ ڏکايو نه هو. ان شريف نفس ماڻھو کي رستي ويندي قتل ڪرڻ برداشت جوڳو عمل ناهي ھنن چيو تہ پوليس کي پھرين ڏينھن ئي مقتول جو ڪيس داخل ڪرڻ گھربو هيو پر انھن لاپرواهي ۽ ٽال مٽول کان ڪم ورتو. هدايت لوهار لائق استاد هيو جنھن جي قتل کي اسان شعور جو قتل سمجھون ٿا هنن مطالبو ڪيو تہ جلد کان جلد قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪٽي ملوث قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي ھوڏانھن ڌرڻي واري هنڌ ويٺل عوام لاءِ جي ڊي اي اڳواڻ جاويد احمد کوکر سميت مختلف شھرين طرفان ماني، چانھ ۽ پاڻيءَ جو بندوبست ڪيو ويو. سماجي اڳواڻ فوزيا سينگار نوناري “وٺي هر هر جنم وربو مٺا مهراڻ ۾ ملبو” گيت ڳائي عورتن کي روئاري ڇڏيو. قتل ٿيل هدايت لوهار جي ڌيئرن سسئي لوهار ۽ سورٺ لوهار جو چوڻ هو ته اسان ڌرڻو ختم نه ڪنداسين، بابا کي بيگناهه شهيد ڪيو ويو آهي، پوليس کي سڀ خبر آهي پر قاتلن کي پڪڙڻ لاءِ تيار ناهي، هنن چيو ته اسان اڪيليون  ئي ڌرڻو هڻي ويهي رهنديون سين.

  • سنڌ بار ڪائونسل پاران هدايت لوهار جي قتل جي جاچ جو مطالبو

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ بار ڪائونسل قومي اڳواڻ هدايت الله لوهار جي قتل جي شفاف جاچ  جو مطالبو ڪري ڇڏيو ، سنڌ بار ڪائونسل  جو چوڻ آهي ته سنڌ بار ڪائونسل نصير آباد جي پرائمري استاد ھدايت الله لوھار جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي،هدايت الله لوهار جي قتل جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي،هنن چيو ته  مقتول کي 2017 ۾ کنڀي گم ڪيو ويو ھو، جيڪو ٻھ سال گم ھو ۽ مسلسل ڌمڪيون بھ ملنديون رھيون، فوري طور مقتول جي وارثن جي فرياد تي ايف آءِ آر داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.ياد رهي ته مقتول کي نصير آباد جي ڪاٺيا محلي ۾  اسڪول وڃڻ دوران شهيد ڪيو ويو هو.

  • گڏيل قومون هدايت لوهار جي قتل جي شفاف جاچ ڪرائن: ماهه رنگ بلوچ

ڪوئيٽا(م ڊ) جبري گمشدگين خلاف احتجاج ڪندڙ ماهه رنگ بلوچ مقتول قوم پرست استاد هدايت لوهار جي قتل تي سندس  نياڻين سسئي ۽ سورٺ سان ايڪتا جو اظهار ڪندي چيو آهي ته گڏيل قومن کي هن قتل جي شفاف جاچ ڪرائڻ گهرجي. هن  گڏيل قومن جي ورڪنگ گروپ کي اپيل ڪئي ته ته هدايت لوهار جي قتل جي فوري طور تي جاچ ڪرائي سسئي ۽ سورٺ کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. هن چيو ته هو زندگيءَ جي سڀني شعبن جي ماڻهن جي حوصلا افزائي ڪري ٿي جيڪي ڌرڻي ۾ شامل ٿي سسئي ۽ سورٺ سان انصاف جي ڳولا ۾ سندن حمايت ڪري رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.