چين پاران پاڪستان کي پرامن چونڊون ڪرائڻ تي مبارڪون

بيجنگ ( م ڊ) چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاڪستان ۾ عام چونڊون پرامن طريقي سان ڪرائڻ تي پاڪستاني حڪومت کي مبارڪباد ڏني آهي. نيوز ايجنسي  موجب چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان مائو ننگ سومر ڏينهن هڪ پريس ڪانفرنس دوران چيو ته دوست پاڙيسري ملڪ جي حيثيت سان چين پاڪستاني عوام جي چونڊ جو مڪمل احترام ڪري ٿو. هن چيو ته چين پوري اميد رکي ٿو ته پاڪستان جون سموريون سياسي پارٽيون چونڊن کان پوءِ سياسي اتحاد ۽ سماجي استحڪام جي حفاظت ڪنديون ۽ قوم جي ترقي ۽ مستقبل لاءِ گڏجي ڪم ڪنديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.