خيرپور: حاجاڻو برادري پاران مقابلي ۾ نوجوان کي مارڻ خلاف لاش رکي ڌرڻو

خيرپور (ويب ڊيسڪ) خيرپور ۾ حاجاڻو برادري پاران مبينا مقابلي ۾ نوجوان کي مارڻ خلاف لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو.

مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل پرويز حاجاڻو جي وارثن نيشنل هاءِ وي تي لاش رکي ڌرڻو هنيو.

احتجاج ڪندڙن ٽائرن کي به ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته رات دير سان نينگر علي رضا حاجاڻو جي قتل ۾ملوث ڄاڻائي پرويز حاجاڻو کي کنڀي وئي.

هنن چيو ته پوليس رات جو مقابلو ڏيکاري سندن نوجوان کي بيگناهه قتل ڪري ڇڏيو.

پرويز حاجاڻو جي وارثن مطالبو ڪيو ته معامل جي جاچ ڪرائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.