ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گهوٽڪي جي تڪ پي ايس 19 تان چونڊيل آزاد اميدوار نادر اڪمل لغاري پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي ويو آهي.
گهوٽڪي ۾ نادر اڪمل لغاري سان پيپلزپارٽي اڳواڻن ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ سليم مانڊوي والا، ناصر شاهه، شرجيل انعام ميمڻ، علي گوهر مهر، خالد لنڊ شريڪ ٿيا.
ملاقات جي موقعي تي نادر اڪمل لغاري پيپلزپارٽي ۾ باضابطا شموليت جو اعلان ڪيو.
نادر اڪمل لغاري جو پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري تي اعتماد جو اظهار ڪيو.
پيپلزپارٽي اڳواڻن طرفان پيپلزپارٽي ۾ شموليت تي نادر اڪمل لغاري جي آجيان ڪئي وئي.
نادر اڪمل لغاري چيو ته پيپلزپارٽي منهنجي پراڻي پارٽي آهي، بيمار هيس، صحتمند ٿيس ته اليڪشن وڙهي ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي.