شيخ ڀرڪيو (ويب ڊيسڪ) شيخ ڀرڪيو ۾ ارڙي ۾ مبتلا ڳورهاري عورت فوت ٿي وئي.
ڳوٺ خان محمد ٿهيم ۾ ٻاويهه ورهين جي سيما زال عابد ٿهيم ارڙي وگهي دم ڏنو.
عورت کي شيخ ڀرڪيو جي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.
فوتي عورت جي وارثن ۽ شيخ ڀرڪيو جي سياسي سماجي ڌرين ارڙي جي وبا تي ضابطي لاءِ صحت کاتي کان واهر جو مطالبو ڪيو آهي.