ڪنب: وساڻ برادري پاران نوجوان کي مبينا مقابلي ۾ مارڻ خلاف ڌرڻو

ڪنب (ويب ڊيسڪ) ڪنب ويجهو وساڻ برادري پاران نوجوان کي مبينا مقابلي ۾ مارڻ تي پوليس خلاف لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو.

استاد پنھل وساڻ، نثار وساڻ، ذوالفقار وساڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جسڪاڻي اسٽاپ وٽ غلام مرتضي وساڻ جو لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڪوٽڏيجي پوليس چار ڏينھن سندن نوجوان کي کڻي وئي جنھن کي ڪوڙو مقابلو ڏيکاري قتل ڪيو ويو آھي.

هنن چيو ته پوليس ڪوڙو مقابلو ڏيکاري نوجوان کي قتل ڪري ظلم ڪيو آھي.

مقتول غلام مرتضي وساڻ جي وارثن مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.