سلمان خان جي گھرڀاتين جي سيڪيورٽي اوچتو وڌائي وئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) گينسٽر لارنس بشنوئي جي لاڳيتو ڌمڪين کان پوءِ بالي ووڊ اسٽار سلمان خان جي گھرڀاتين جي سيڪيورٽي وڌائي وئي آهي.
سلمان خان کي 2022ع ۾ لارنس بشنوئي پاران موتمار ڌمڪيون ملڻ کان پوءِ سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي هئي ۽ 2023ع جي آخر ۾ ملندڙ ڌمڪين کان پوءِ سندس سيڪيورٽي وڌائي وئي هئي.
پر هاڻي ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سلامن خان سان گڏوگڏ ان جي گھرڀاتين جي سيڪيورٽي به وڌائي وئي آهي جنهن ۾ سندس ڀيڻيووي آيوش شرما جي سيڪيورٽي خاص طور تي شامل آهي.
سيڪيورٽي خدشن کي ڏسندي سلمان خان بلٽ پروف گاڏي به خريد ڪئي هئي پر هاڻي ممبئي پوليس اداڪار جي گھرڀاتين کي به وڌيڪ سيڪيورٽي فراهم ڪري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.