ننهن تان فنگس لاهڻ جو طريقو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيرن جي ننهن ۾ فنگس هڪ عام مسئلو آهي ۽ اڪثر ۽ گهڻو ڪري آڱوٺي جي ننهن ۾ اهو مسئلو ٿيندو آهي.

هي فنگس هڪ کان ٻئي ننهن تائين سولائي سان پکڙجي سگهي ٿو جنهن جي ڪري ننهن ڪمزور ٿي ڀري ويندا آهن.

ننهن جو رنگ اڇو، پيلو يا تبديل به ٿي سگهي ٿو.

ننهن ۾ موجود فنگس اوهان جي ظاهري شخصيت تي اثر وجهي ٿو، هن فنگس کي اوهان ڪجهه طريقن سان گهر ويٺي ختم ڪري سگهو ٿا.

ٽي ٽري آئل اينٽي فنگس ۽ اينٽي بيڪٽيريل هوندو آهي. هڪ تحقيق موجب هن تيل جو استعمال پير جي ننهن جي فنگس جي علاج لاءِ ڪارائتو ٿي سگهي ٿو. روز گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڀيرا ڪٽن بال جي مدد سان هن تيل کي متاثر ننهن تي لڳائڻ گهرجي.

زيتون يا سورج مکي جي تيل ۾ موجود اوزون گيس سان فنگس وارن ننهن جو علاج ڪري سگهجي ٿو.

هڪ تحقيق موجب اهڙو تيل فنگس پيدا ڪندڙ بيڪٽيريا کي اثرائتي نموني ختم ڪندو آهي.

هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته ٿوم جو عرق فنگس کي سولائي سان ختم ڪندو آهي. ٿوم مان ٺهيل پيسٽ متاثر جاءِ تي روز اڌ ڪلاڪ لڳائجي.

ان کانسواءِ صوف جي سرڪي ۾ جيت مار خاصيتون هونديون آهن جنهن کي پير جي ننهن جي فنگس جي علاج لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.

ان لاءِ متاثر پير کي ويهه منٽن لاءِ سرڪو مليل پاڻي ۾ ڀڄائي سگهجي ٿو.

گهرن ۾ موجود وڪس ويپورب پير جي ننهن جي فنگس جي علاج لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.

روز گهٽ ۾ گهٽهڪ ڀيرو متاثر جاءِ تي ٿورو وڪس لڳائي سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.