اسلام آباد مان ن ليگ جي 3 ايم اين ايز جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن معطل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي تخت گاهه مان ڪامياب ٿيندڙ ن ليگ جي ٽن ايم اين ايز جي ڪاميابي جا نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيا.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس ارباب محمد طاهر حڪم جاري ڪيا ۽ عدالت اين اي 47 تان ن ليگ اميدوار طارق فضل چوڌري جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو.
ان کانسواءِ عدالت تڪ اين اي 46 تان ن ليگ جي انجم عقيل جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن معطل ڪيو، ان تڪ مان پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار عامر مغل نوٽيفڪيشن چئلينج ڪيو هو.
عدالت اسلام آباد جي تڪ اين اي 48 تان ن ليگ جي راجا خرم جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن به معطل ڪري ڇڏيو، ان تڪ تان پي ٽي آءِ جي حمايت يافته اميدوار علي بخاري نوٽيفڪيشن چئلينج ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.