هڪ وڏي افتتاحي تقريب ۽ ان کانپوءِ ڪيئي هاءِ اسڪورنگ ميچون به هلندڙ سال پاڪستان جي سڀ کان وڏي ڪرڪيٽ ليگ پي ايس ايل تماشائين جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهي آهي، ظاهري طور لڳي ٿو ته پاڪستان سپر ليگ ملڪ ۾ جاري سياسي عدم استحڪام جو شڪار ٿي رهي آهي.
پاڪستان سپر ليگ ۾ باصلاحيت ۽ نوجوان پاڪستاني ڪرڪيٽرن کانسواءِ دنيا جا ناميارا ڪرڪيٽر حصو وٺي رهي آهن ان باوجود هڪ پاسي چونڊن کانپوءِ پيدا ٿيندڙ سياسي صورتحال ماحول کي گرم ڪري ڇڏيو آهي ته ٻئي پاسي غزا ۾ جاري ويڙهه سبب شوقين جون نظرون پي ايس ايل دوران نظر ايندڙ اشتهارن ۽ برانڊز تي کتل آهن.
افتتاحي تقريب دوران ” عمران خان “ جي حق ۾ نعريبازي هجي يا ايڪس تي آئي ڏينهن ” بائيڪاٽ پي ايس ايل “ جو پڙاڏو، پر 18 مارچ تائين جاري رهندڙ ايونٽ فلحال ميچن کان وڌيڪ ٻين معاملن جي ڪري خبرن ۾ آهي.
ته پوءِ اچو ته ڏسون هنيئر تائين پي ايس ايل ۾ اهڙو ڇا ٿي رهيو آهي جو شوقين آف دي فيلڊ ڳالهين تي وڌيڪ ڌيان ڏئي رهيا آهن.
” بائيڪاٽ پي ايس ايل “ واري ٽرينڊ جو بنيادي ڪارڻ اِهو هو ته ايونٽ شروع ٿيڻ کان اڳ پاڪستان سپر ليگ پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي لکيو ته ” پاڪستان سپر ليگ جو آفيشل سنيڪس پارٽنر ڪي ايف سي آهي“.
آڪٽوبر 2023ع ۾ حماس جي اسرائيل تي حملي کانپوءِ اسرائيل جون غزا ۾ هوائي ۽ زميني ڪارروائيون جاري آهن، هن وقت وچ اوڀر سميت ڪيئي مسلم ملڪن ۾ عالمي فاسٽ فوڊ برانڊز جي بائيڪاٽ جي مهم زور شور سان جاري آهي، ان سان گڏوگڏ عالمي برانڊز تي اسرائيل جي حمايت جو الزام مڙهيو پيو وڃي.
پي ايس ايل ايڪس ۽ فيس بڪ تان آفيشل پارٽنر بابت پوسٽون هٽائي ڇڏيون آهن، پر ڪي ايف سي سان ڀائيواري واري معاملي تي پاڪستاني واهپيدار اڃا تائين پي ايس ايل جي بائيڪاٽ جو مطالبو ڪري رهيا آهن.
ان سموري صورتحال تي پاڪستان سپر ليگ انتظاميا طرفان ڪو به تبصرو ناهي ڪيو ويو ۽ نه واري ڪي ايف سي ان معاملي تي ڪو موقف اختيار ڪيو آهي.
پر ڪجهه شوقينن جي ڪاوڙ پنهنجي جاءِ تي موجود آهي، واهپيدارن جو چوڻ آهي ته جيستائين ڪي ايف سي پي ايس ايل جو اسپانسر آهي هو پاڪستان سپر ليگ جون ميچون نه ڏسندا.
فلسطين اسرائيل جنگ کانپوءِ ڪيئي مسلم ملڪن بائيڪاٽ مهم شروع ڪئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ عالمي ڪمپنين جا ڪاروبار متاثر ٿيا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري جي هڪ رپورٽ موجب، ميڪڊونلڊز ۽ اسٽار بڪس جيان ڪي ايف سي جي مالڪ ڪمپني يم برانڊز جي سيلز به غزا جنگ سبب متاثر ٿيون آهن.
ست فيبروري تي ڪمپني اعتراف ڪيو ته 2023ع جي چوٿين ٽه ماهي( آڪٽوبر، نومبر، ڊسمبر ) دوران وچ اوڀر، ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ۾ ان جي ڪاروبار کي نقصان پهتو.
پر اِهو واحد سبب ناهي جنهن جي بنياد تي سوشل ميڊيا تي ڪي ايف سي جي بائيڪاٽ جون ڳالهيون هلي رهيون آهن.
سوشل ميڊيا پليٽ فارمز اهڙيون کوڙ ساريون وڊيوز شيئر ڪيون پيون وڃن جنهن ۾ اسٽيڊيم ۾ موجود تماشائي ”عمران خان، ۽ آئي آئي پي ٽي آءِ “ جا نعرا هڻي رهيا آهن، ڪجهه واهپيدارن دعويٰ ڪئي آهي ته نعريبازي پوليس اهلڪارن طرفان ڪجهه تماشائين کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي.
۽ جيئن هر سال ٿيندو آهي، هن دفعي به پي ايس ايل جي افتتاحي تقريب تي گلوڪارن جي پرفارمنس ۽ آتشبازي تي ماڻهو مختلف راءِ جو اظهار ڪندي نظر آيا.
سوشل ميڊيا تي ڪجهه ماڻهن جي راءِ هئي ته جتي لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ علي ظفر، آئما بيگ، عارف لوهار ۽ ٻين پنهنجي پارفارمنس ۽ افتتاحي تقريب دوران آتشبازي سان گڏوگڏ ليزر شو به ڪيئي ماڻهن کي متاثر ڪيو، اتي اهڙا ماڻهو به هئا جن کي اِها تقريب گهڻي پسند نه آئي.