پي ٽي آءِ جو پنهنجي حمايت يافته آزاد اميدوارن جي سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف عام چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ پنهنجي حمايت يافته اميدوارن جي سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو.
تحريڪ انصاف، مجلس وحدت المسلمين ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪئي.
پريس ڪانفرنس ۾ بئريسٽر گوهر، عمر ايوب، رئوف حسن، علامه راجا ناصر عباس ۽ سني اتحاد ڪائونسل جو چيئرمين صاحبزادا حامد رضا موجود هئا.
پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر گوهر چيو ته تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي جي 80 سيٽن تي کٽي چڪي آهي، اسان جي آزاد اميدوارن چونڊ وڙهي، اهي تحريڪ انصاف جا حمايت يافته هئا، اسان پنهنجي اميدوارن کي ٽڪيٽون به جاري ڪيون هيون، اسان آزاد اميدوارن کي سپورٽ ڪيو، اهي کٽي ويا.
هن اعلان ڪيو ته نوٽيفڪيشن کانپوءِ آزاد اميدوارن کي ٽن ڏينهن ۾ ڪا پارٽي جوائن ڪرڻي هوندي آهي، پي ٽي آءِ جا حمايت يافته آزاد نوان چونڊيل قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت اختيار ڪندا.
سندس چوڻ هو ته سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت جو فيصلو اتفاق راءِ سان ڪيو ويو آهي ۽ اسان اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪنداسين ته مخصوص سيٽون قانون موجب ڏيو.
عمر ايوب چيو ته ايم ڪيو ايم تحريڪ انصاف جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو آهي، پشاور مان 7 کان 8 سيٽن تي ڊي سي ۽ پوليس آفيسرن ڌانڌلي ڪئي، اسان جي ئي پارٽي حڪومت ٺاهيندي، پهريون ڪم پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي آزادي هوندي، شاهه محمود قريشي، پرويز الاهي، عورتن ۽ ڪارڪنن جي آزادي اسان جو هدف هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.