بالي ووڊ فلمون پسند ناهن، ڏسڻ ڇڏي ڏنو آهي: نصيرالدين شاهه

ممبئي: ڀارت جي سينيئر اداڪار نصيرالدين شاهه جو چوڻ آهي ته بالي ووڊ فلمن بيڪار ڪهاڻين سبب کيس مايوس ڪيو آهي، ان لاءِ هن بالي ووڊ فلمون ڏسڻ ڇڏي ڏنو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب نصيرالدين شاهه چيو آهي ته فلمون هاڻي پيسو ڪمائڻ جو زريعو ٿي ويون آهن. هن چيو ته معاشري جي حقيقت کي ڏيکارڻ سنجيده فلم ٺاهڻ وارن جي ذميواري آهي ۽ بالي ووڊ رڳو ان ئي صورت باقي رهي سگهي ٿو جڏهن اسان ان کي پيسا ڪمائڻ جو زريعو سمجهڻ ڇڏي ڏيون پر هاڻي دير ٿي وئي آهي ان جو ڪو حل ناهي، ڇاڪاڻ ته اسان جا فلم ساز هاڻي رڳو پيسا ڪمائڻ چاهن ٿا پوءِ چاهي فلم جي ڪهاڻي ڪيتري به بيڪار هجي.

هن ٻڌايو ته جيڪي ماڻهو سنجيدا فلمون ٺاهڻ چاهيندا آهن، اها انهن جي ذميواري آهي ته اهي اڄ جي حقيقت کي ظاهر ڪن پر پنهنجين فلمن ۾ ڪنهن مذهب خلاف نه وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.