ڀارتي اداڪارا پاڪستاني ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهشمند

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي مشهور ريئلٽي شو بگ باس 17 جي ڪنٽيسٽنٽ ايشا ملويا پاڪستاني ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي.
سوشل ميڊيا تي ايشا ملويا جي انٽرويو ڪلپ وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ ميزبان هن کان سوال ڪيو ته جيڪڏهن کيس پاڪستان مان ڪنهن اهڙي ڊرامي ۾ اداڪاري جي آڇ ڪئي وڃي جنهن ۾ هيرو جو ڪردار ڪو هينڊسم مسلمان اداڪار ڪري رهيو هجي ۽ ڊرامي جي شوٽنگ دبئي ۾ هجي ته ڇا هوءَ ان آڇ کي قبول ڪندي؟
ميزبان سوال تي وضاحت ڪندي ٻڌايو ته ڇو جو پاڪستاني ڊرامن ۾ هيروئن سنهڙيون ۽ خوبصورت ڇوڪريون ڏيکاريون وينديون آهن منهنجو خيال آهي ته اوهان به انهن گھرجن تي پوريون لهو ٿيون.
سوال جي جواب ۾ ايشا چيو ته جيڪڏهن ڪڏهن ائين ٿو ته هوءَ ان آڇ کي قبول ڪري وٺندي پر سندس پهرين ترجيح ڀارت ۾ رهي ڪري ڪم ڪرڻ ئي هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.