گم ٿيل شاگردن بابت ڪيس، پيش نه ٿيڻ تي نگران وزيراعظم وري طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گم ٿيل بلوچ شاگردن جي ڪيس ۾ طلب ڪرڻ باوجود نگران وزيراعظم جي پيش نه ٿيڻ تي ايندڙ ٻڌڻي تي کيس وري حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سومر ڏينهن ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس محسن اختر ڪياني ڪئي، هن پڇيو ته ڇا 12 گم ٿيل شاگرد آزاد ناهن ٿيا؟
اٽارني جنرل منصور عثمان وضاحت ڪندي چيو ته سندس ڄاڻ موجب 8 شاگرد اڃا تائين آزاد ناهن ٿيا.
ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل معاملو نگران حڪومت بدران ايندڙ حڪومت کي ڏسڻ جي تجويز ڏيندي چيو ايندڙ حڪومت ايندي ته ان کي ڏسي وٺندي.
جنهن تي عدالت چيو ته ساڍا 3 سال هڪ حڪومت هئي، پوءِ 16 مهينن جي ٻي حڪومت هئي ۽ پوءِ نگران، پر ٿيو ڪجهه به نه.
جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته هتي سڌي ريت ادارن تي الزام آهن، جبري گمشدگين بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا ڪيترائي فيصلا موجود آهن.
هن چيو اسلام آباد مان ڪو به شخص اغوا ٿيو ته آءِ جي اسلام آباد ۽ گهرو سيڪريٽري خلاف ڪيس داخل ٿيندو.
جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا ته هتي سفارتخانا آهن.
ٻڌڻي دوران درخواست گذار جي وڪيل ايمان مزاري چيو ته گذريل ڪجهه مهينن دوران به وڌيڪ شاگردن کي جبري طور گم ڪيو ويو.
عدالت کي ٻڌايو ويو ته نگران وزيراعظم ڪراچي ۾ هجڻ سبب اڄ پيش نه ٿي سگهيو، جنهن تي عدالت هدايت ڪئي ته هو ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.