رتيديري ۾ هٿياربندن هٿان نوجوان قتل

رتوديرو (ويب ڊيسڪ) رتيديري ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ نوجوان مارجي ويو، جڏهن ته هڪ عورت سخت زخمي ٿي پئي.

ريشم گلي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان خليل احمد ويسر ٿڏي تي مارجي ويو ۽ عورت مسرت بانو سخت زخمي ٿي پئي.

اطلاع تي رتوديرو پوليس پوليس پهچي زخمي عورت ۽ مقتول جو لاش تعلقا اسپتال آندو، جتان زخمي عورت کي لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو.

ٻڌايو پيو وڃي ته بروهي ۽ ويسر برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان واقعو پيش آيو آهي.

ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت هر رخ کان جاچ ڪئي پئي ويندي، ڪيس داخل ٿيڻ بعد ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.