اسلام آباد(م ڊ) نواز ليگ اڳواڻ ميان جاويد لطيف لکيو آهي ته الله ڪري ته مسلم ليگ (ن) فيصلو ڪري ته جنهن پارٽي کي مرڪز ۾ اڪثريت ڏياري وئي، ان کي حڪومت ٺاهڻ جو موقعو ڏنو وڃي.ان سان ملڪ ۾ افراتفري پيدا ڪرڻ جو منصوبو ناڪام ٿي سگهي ٿو. جنهن ڏينهن اهو فيصلو ڪيو ويو ته ان جي ٻئي ڏينهن تي ٻڌائيندس ته ڌانڌلي ڪنهن لاءِ ڪئي وئي ۽ 8 فيبروري جو ماسٽر مائينڊ ڪير هو.