ڪمشنر راولپنڊي جا الزام، سپريم ڪورٽ ۽ پاڪستان بار پاران خدشن جو اظهار

اسلام آباد (م ڊ) راولپنڊي جي ڪمشنر جي الزامن تي سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن خدشن جو اظهار ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ بار ڪمشنر راولپنڊي جي چونڊن ۾ ڌانڌلي بابت الزامن ۾ چيف جسٽس جي ملوث هجڻ واري بيان تي خدشن جو اظهار ڪندي پڌرائي جاري ڪئي آهي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڪمشنر راولپنڊي جو بيان بدنيتي ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان جي عهدي جي توهين ڪرڻ جي ڪوشش آهي، چيف جسٽس يا سپريم ڪورٽ جو چوندن دوران ڌانڌلي ۾ ڪو ڪردار نه آهي.سپريم ڪورٽ بار جي عهديدارن جو چوڻ آهي ته چونڊ عمل اليڪشن ڪميشن جو انتظامي معاملي آهي، اليڪشن ڪميشن، ڪمشنر راولپنڊي جي الزام بابت جاچ ڪرائي.ٻئي پاسي پاڪستان بار ڪائونسل چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي جي جاچ لاءِ آزاد ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ چيف جسٽس تي لڳايل الزامن تي به سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان مٿان لڳايل الزام برداشت نٿو ڪري سگهي. پاڪستان بار ڪائونسل طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻي ڪمشنر چيف جسٽس کي ڌانڌلي ۾ ملوث قرار ڏيڻ لاءِ بي بنياد ۽ ڪوڙا الزام هنيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.