پيرپاڳارو مارشل لا کي دعوت ڏئي آرٽيڪل 6 جو ڏوهه ڪيو: نثار کهڙو

حيدرآباد. پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر سينيٽر نثار کهڙو چيو آهي ته پيرپاڳارو مارشل لا کي دعوت ڏئي آرٽيڪل 6 جو مرتڪب ٿي رهيو آهي  ۽ سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس پير پاڳاري جي مارشل لا کي عدليه کان تحفظ ملڻ وارين ڳالهين جو نوٽيس وٺي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن حيدرآباد ۾ ضلعي صدر صغير قريشيءَ جي رهائشگاهه تي سينيٽر مولابخش چانڊيو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته جي ڊي اي، جي يو آءِ ۽ پي ٽي آءِ ملڪ ۾ بحران واري صورتحال پيدا ڪري مارشل لا کي دعوت ڏئي رهيون آهن پر 18 هين ترميم جي ذريعي مارشل لا جو رستو روڪيو ويو آهي. هن چيو ته پير پاڳاري پاران مارشلا کي عدليه کان تحفظ ملڻ جون ڳالهيون توهين عدالت آهن ان لاءِ پير پاڳارو هوش کان ڪم وٺي ڇاڪاڻ ته ملڪ ٻيهر چونڊن جو متحمل ٿي نه ٿو سگهي. پير پاڳاري ته چونڊن ۾ پنهنجي اميدوارن کي بي يارومددگار ڇڏي ڏنو ۽ ڪا به چونڊ مهم نه هلائي ۽ هاڻي ڪنهن جي ڏٽي ۾ اچي ڌرڻا هڻي رهيو آهي، هن چيو ته بلدياتي نظام جي حوالي سان ترميم بابت ايم ڪيو ايم پاڪستان پيپلز پارٽي سان ڪو به رابطو نه ڪيو آهي نه ئي پيپلز پارٽيءَ پاران ساڻس رابطو ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.