هدايت لوهار کي سرخ سلام

هن کي ڏيئا وڻندا هئا

هو چمڙن جي اک ۾ هو

هن کي پوپٽ وڻندا هئا

هو چپٽين جي زد ۾ هو

هن کي گل وڻندا هئا

هو ڪنڊن جي وير ۾ هئو

هن کي ٻارن جون مرڪون وڻنديون هيون

هو درندن جي راھ ۾ رڪاوٽ هو

هن کي ديس سان عشق هئو

هو گوليءَ  جي نشاني تي هئو

ڌرتيءَ  رت سان تڙ ڪيو آهي!

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.