جيڪڏھن وزير اعلي سنڌ مراد علي شاھ نه ٿيو ته پارٽي بنياد تي ڪيترائي سوال آڏو اچي سگھن ٿا۽ مختلف لابيسٽ پارٽيءَ اندر ڌڙابندي جو شڪار ٿي سگھن ٿا. ان ڪري سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته وزير اعلي مراد علي شاھ ڇو ڪونه ؟ ميڊم فريال ٽالپر صاحبه جيڪڏھن وزير اعلي طور سامھون اچي ٿي ته به ممڪن آ ڪن لابيسٽس کي پارٽيءَ اندر سٺو نه لڳي پر سيد ناصر حسين شاھ جي وڏي وزير طور سامھون اچڻ ڪو وڏو ۽ اھميت وارو سوال ڪونھي پر ان جي باوجود مٿي ذڪر ڪيل ٻن اميدوارن مراد علي شاھ ۽ ميڊم فريال ٽالپور صاحبه جو اميدوار ٿي سامھون اچڻ ته سمجهھ ۾ اچي ٿو ته ان ڪري شايد ڪو ٽيون خواھشمند ريس يا اختلاف نه ڪندو. ھڪ ته مراد علي شاھ اڳ به ٻھ دفعا وڏو وزير رھي چڪو آھي ۽ سندس انتظامي پاسي کان ويندي پراڻو تجربو ۽ پارٽي قيادت جو با اعتماد ھجڻ وارو سلسلو مضبوط اٿس.
ان کان علاوھ ادارن سان ماضيءَ جو اعتماد ۽ جوڙ توڙ وارو مشاھدو ۽ تجربو پلس پوانٽس ۾ شامل اٿس.
ان ڪري اسان جيڪڏھن 2008وارين عام چونڊن کي ڏسون ٿا ته ان وقت به پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ ۾ اڪثريت ملي ھئي ۽ مسلسل ھن وقت تائين پيپلز پارٽي چوٿون دفعو کٽي اچي سنڌ ۾ بنا اتحادي حڪومت ٺاھڻ طرف روان دوائن آھي.
پيپلز پارٽي جي 2008 واري سنڌ حڪومت ٺھڻ مھل شڪارپور کان چونڊجي آيل اسيمبلي ميمبر ۽ آصف علي زرداري جو سياسي يار طور مشھور آغا سراج دراني وڏي وزير جو مضبوط اميدوار طور سامھون ٿي آيو ھو ۽ کيس کي پروٽوڪول به ملڻ شروع ٿي ويو ھو پر سندس پڳ مٽ يار سندس قائد آصف علي زرداري جو مد مقابل ٿي سامھون آيس جنھن ڪري آھي سي ايم ٿيڻ لاءِ مليل پروٽوڪال واپس ڪنھن پارٽي جي سينيئر رھنما سيد قائم علي شاھ ڏانھن موڙيا ويا، اھڙي نموني ان شروعاتي دؤر حڪومت ۾ سراج دراني کي پنھنجي خواھش موجب مڪاني ادارن واري وزارت ڏني وئي.
اڳتي ھلي قائم علي شاھ جي به پنھنجي ڪابينا جي سينيئرز سان تعلق داري شايد تڪراري رھي جنھن ڪري پارٽيءَ اندر وڏ وزارت خلاف لابنگ ٿيندي رھي جنھن ۾ سکر جي سينيئر سيد کان ويندي دادوءَ جي پير مظھر ۽ مراد علي شاھ پڻ گھٽ ڪونه ڪئي، اھڙي نموني ڇڪتاڻ واري ماحول مان نڪرندي نڪرندي سندس جو پھريون 2008 وارو حڪومتي دؤر پورو ٿيو ۽ مارڪيٽ ۾ سندس بابت پارٽيءَ اندر ڪيتريون ٿيوريز تي ڪم ۽ اختلاف سامھون ايندا رھيا.
سيد قائم علي شاھ سينيئر ھجڻ جو فائدو پنھنجي جاءِ تي پر لچڪدار ۽ پارٽيءَ قيادت سامھون آل از اوڪي واري ماحول سبب 2013 وارين چونڊن ۾ کٽي اچڻ سبب وڏ وزارت وٺڻ ۾ ڪامياب ويو.
بلاول ڀٽو زرداري جي پاليسيءَ تي عمل ڪندي وچ ۾ سيد مراد علي شاھ جنھن کي پنھنجي والد سيد عبداللھ شاھ جي پروفائيل سبب ۽ نوجوان مينيجمنٽ سائيڊ ۽ اڪائونٽ سائيڊ تي گرفت ھجڻ سبب وڏي وزير طور ۽ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي نوجوان وڏو وزير ھجي واري خواھش کي عملي جامو پارائڻ سبب سيد قائم علي شاھ کي ھٽائي ويو.
سيد مراد علي شاھ لڳاتار قائم علي شاھ وانگي سنڌ تي ٻھ دفعا حڪومت ڪري چڪو آھي. ھن وقت ان جو اميدوار طور سامھون ٿي اچڻ سان سوال طور ته ميڊيا ۽ عام يا سياسي محفلن جو بحث ته آھي ئي آھي. پر سندس پارٽيءَ اندر سيد ناصر شاھ ،شرجيل انعام ميمڻ،آغا سراج دراني،نثار کھوڙو کان ويندي نادر مگسيءَ جھڙا ڪيترائي خواھشمند آھن ته ھو سنڌ جي حڪومت جا سربراھ بڻجن،حتاڪه سيد قائم علي شاھ به خاموش اميدوار طور پڻ سامھون ھجڻ واري ڳالهھ رد نٿي ڪري سگھجي.
ھن وقت تائين ميڊيا يا پارٽي قيادت سامھون جيڪي وڏي وزير ٿيڻ جا خواھشمند طور نالا آيا آهن تن مان سيد مراد علي شاھ ٽاپ تي آھي باقي لابنگ ڪرڻ لاءِ سيد ناصر شاھ ۽ شرجيل ميمڻ به گھٽ ڪونه ٿا ڪن.ايتري تائين جو ھنن جتي پرنٽ ميڊيا کان اليڪٽرانڪ ميڊيا جي پليٽ فارمن کي جتي فيڊنگ ڪرڻ ۽ ڪرائڻ واري مھم جوئي ڪئي آھي ۽ ڪن به پيا اتي شوشل ميڊيا تي به ھڪ ٻئي کان وڌيڪ زور آزمايون ڏسڻ ۾ اچن پيون.
جڏھن ته پارٽي قيادت وٽ ھن وقت تائين جيڪو سنڌ حڪومت ۾ وڏ وزارت ڏيڻ وارو مائينڊ سيٽ آھي، جيڪڏھن ميڊم فريال ٽالپور خواھشمند اميدوار طور سامھون نه ٿي اچي ته پوءِ مراد علي شاھ ٽاپ اسڪور تي پڻ مارڪون کنيل نظر اچي رھيو آھي.
مراد علي شاھ جي سامھون شرجيل ميمڻ بابت سياسي حلقن کان ويندي صحافتي حلقن ۾ ڪا سٺي راءِ ڪونھي.!!
سيد ناصر شاھ بابت مليل ڄاڻ جي بنياد تي اها ڳالهھ ڪرڻ ۾ ڪو حرج محسوس ڪونه ڪبو ته سندس پويان لابنگ ڪندڙن ۾ گھوٽڪي جي مھر سردارن جي مدد ھجڻ سان گڏوگڏ گھوٽڪي ،سکر ۽ شڪارپور جي ڪجھه ايم پي ايز جي به جن جو ڪو 10 صوبائي اسيمبلي ميمبرز جو تعاون پڻ ٻڌايو پيو وجي.جڏھن ته اڳوڻي وڏي وزير مرحوم سردار علي محمد خان مھر جڏھن مشرف دور ۾ ھو ته ھن بابت ميڊيا جو چوڻ ھو ته ان وقت جو ضلعي ناظم ھوندي ڊيفيڪٽو وڏي وزير طور سجاتو ويندو ھو.!!ايڊمنسٽريٽر طور سندس کي ھڪ ئي وقت چار چار وزارتون گڏ رھيون اٿس ۽ سينيئر وزير طور به حيثيت ۾ رھيو آھي.
خانڳڙھ جي مھر سردارن ۽ اروڙ لڳ ٽگھاٽي جي سيد گھراڻي ۾ خانداني تعلق تمام پراڻو آھي.جنھن کي قائم ڪرائڻ ۾ موجودھ پير صاحب پاڳاري جي والد گرامي پڻ ڪردار ادا ڪيو ھو.سردار غلام محمد خان مھر جڏھن ماضي ۾ سينيٽر ٿيو ھو ته موجودھ سکر ضلعي جي چيئرمين سيد ڪميل حيدر شاھ جي ڏاڏي،سيد ناصر شاھ جي والد سيد غلام شبير شاھ شاھ پير صاحب پاڳاري مرحوم جي چوڻ تي ايم پي اي طور ووٽ ڪيو ھو،جنھن کي ھن وقت تائين مھر سردارن وساري ناھن سگھيا.
بھرحال ھن وقت جڏھن پوري ملڪ جا چونڊ نتيجا تڪراري ٿي چڪا آھن ۽ ڪا به پارلياماني پارٽي يا سندس قيادتون نتيجن مان مطمئن ناھن اتي اقتداري جوڙ جڪ ڪيئن ٿي ٿئي؟؟
سو ته ايندڙ وقت ٻڌائيندو.
باقي سنڌ ۾ ھي جيڪي به نتيجا آيا آهن تن موجب پيپلز پارٽي قيادت حڪومت جوڙڻ ۾ آزاد پڻ نظر اچي رھي آھي.ان جي باوجود سندس سامھون وڏي وزير جي اميدوار طور ڪيترائي اميدوار سامھون پڻ آيا آھن جن جو مٿي ذڪر پڻ ڪري آيا آھيون.
ھن مسلسل حڪومت ملڻ واري تسلسل کي جيترو پيپلز پارٽيءَ جي قيادت ڪارڪن کان ويندي قيادت تائين پنھنجي سياست گرفت جو مثال ڏئي ٿي.!!سو ته پنھنجي جاءِ تي پر گذريل ڏينھن پير صاحب پاڳاري جي احتجاج واري عوامي ڌرڻي جيڪو پڻ شايد رڪجڻ جو نالو نه وٺي.
اتي پڻ ھڪ وڏو اھم سوال آھي ۽ ممڪن آھي ته اھو لکين ماڻهن جو سياسي مجموعو سنڌ ۾ حڪمرانن لاءِ سول نافرماني جو سبب بڻجي سراپا احتجاج نه ٿئي.!!
اھو پنھنجي جاءِ تي پر خود سنڌ ڌرتيءَ جي عوامي اھنجن ۽ ڌرتي واسين جي تڪليفن کي ڏسون ٿا ته پوءِ ان لاءِ ايندڙ سنڌ جي وڏي وزير کي سخت چئلينجز کي منھن ڏيڻ لاءِ تيار ٿيڻ پوندو.سڀ کان پھريان بد امني جي راڄ جو خاتمو.رشوتي راڄ کي جڙ کان پٽي بھتر ساک قائم ڪرڻ کي ترجيح ڏيڻي پوندي. سنڌ جي زراعت،آبپاشي نظام جي بھتريءَ لاءِ عملي اپاءَ وٺڻ.صوبي ۾ سياسي افھام تفھيم تي ڌيان ڏئي ڌرتيءَ واسين کي بھتر سياسي ۽ حڪومتي ماحول پيدا ڪري ادارتي بھتريءَ لاءِ سخت قدم کڻڻ جي ضرورت پڻ آھي.
لازمي آھي اھڙي ھن سخت حالتن ۾ پارلياماني نظام کي ھلائڻ لاءِ ڪنھن بھتر ۽ سينئر بردبار تجربيڪار ڪردار کي وڏي وزير طور سامھون آندو ويندو ته اھو پارٽيءَ لاءِ ئي نه پر پوري سنڌ لاءِ ۽ صوبائي پارلياماني سياست لاءِ بھتر ڪردار ثابت ٿيندو. سياسي حلقن توڙي انتظامي حلقن وٽ سندس جي اھا ڳالهھ عام آھي ته فيصلي ڪرڻ واري صلاحيت ۾ شخصي طور ڪمزور پڻ آھي.