سسئي جي ڏونگر ڏاري سگهڻ واري دانهن

تحرير؛ آصف ٿيٻو

قومپرست اڳواڻ سائين ھدايت الله لوھار کي اوچتو ڏينھن ڏٺي جو سر عام نصير آباد جي گھٽين ۾ گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو. سائين ھدايت لوھار جيڪو تعليمي شعبي سان جڙيل ۽ ھڪ عظيم پيشي سان جڙيل ھو. ھو ھڪ استاد ھو. معصوم ٻارن جو به  استاد ھو ته  نوجوانن جو به  سياسي استاد ھو. ڪيترائي نوجوان سندس سياسي شاگرد پڻ ھئا. وڏي ڳالھه اھا آھي ته  سندس ڌيئرون سسئي ۽ سورٺ تي پڻ ھن جي سياسي ڇانو ھئي. سندس ڌيئرون سندس سياسي ۽ ادبي ڇانو ۾ پلجي وڏيون ٿيون. جيئن سنڌ جا ھزارين نوجوان سائين جي ايم سيد جي سياسي ڇانو ۾ نپجي وڏا ٿيا. سسئي جا اڀ ڏاريندڙ آواز ٻڌي ته  منھنجي بابا کي ڇو ماريو ويو؟؟ ھن سوال جو جواب سسئي کي ڪير ڏيندو؟ رياست ماءُ وانگر ھوندي آھي پنھنجي شھرين جي جان مال جو تحفظ رياست جي ذميواري  ھوندو آھي پر ھتي انڌيرنگري ايتري آھي جو ڏينھن ڏٺي ھڪ استاد کي گولين جو کاڄ بڻايو ويو، جنھن جي ايف آءِ آر به  اڃان تائين داخل ناھي ٿي. رياست جڏھن جان مال جو تحفظ نه  ڪري سگھي ته  اھا رياست انارڪي کي جنم ڏيندي آھي.

ہم آہ بھی کرتے ہیں تو ہو جاتے ہیں بدنام،

وہ قتل بھی کرجائیں تو چرچہ نہیں ہوتا۔

(اکبر اللہ آبادی)

قومپرست اڳواڻ ھدايت الله لوھار جي ڌيئر سسئي جي اڃا تائين ڪنھن دانھن ناھي ٻڌي! قانون جا ادارا ڪنن کان ٻوڙا اکين کان انڌا ٿي ويا آھن انھن تائين اڃا سسئي جي داد فرياد ناھي پھتي. پر سسئي، شاھ لطيف جي شاعري جو اھو مزاحمتي ڪردار آھي جيڪا ڏونگرن کي به  ڏاري وجھي. سسئي جيڪا لطيف جي شاعري ۾ مظلوميت جي علامت سان گڏوگڏ بھادري جي علامت پڻ آھي. سسئي مظلوم به  آھي ته  ڏاڍ سان مھاڏو به  اٽڪائي سگھي ٿي.  سسئي جيڪا ھن نظام جي  ظلم ۽ جبر ھيٺ آھي پر اھا ڏونگر به  ڏاري سگھڻ جي صلاحيت رکي ٿي. سسئي پنھنجي بابا جي قتل لاءِ زارو زار روئي رھي آھي ته  آخر منھنجي بابا جو ڏوھ ڪھڙو ھو؟ جنھن کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو؟

سائين ھدايت الله لوھا ر جو ڏوھ اھو ھيو ته  ھن سنڌ سان محبت ۽ سنڌي قوم سان ھمدردي ھجڻ ناتي قتل ڪيو ويو.

ھڪ استاد ۽ ھڪ قومپرست اڳواڻ جو ايئن سرعام نصيرآباد جي گھٽين ۾ قتل ٿيڻ تمام خراب سانحو آھي. قتل ڪندڙ رھزن ڪھڙُو پيغام ڏيڻ چاھين ٿا ته  ھو ڪنھن کي به  ايئن روڊ ويندي ماري سگھن ٿا؟ اھڙا طور طريقا ملڪ توڙي رياست جي لاءِ منفي اميج جوڙين ٿا. انسانيت جو جنازو ڪڍڻ ڪٿان جا طور طريقا آھن. ملڪي ادارن کي پنھنجين اھڙين پاليسين تي نظرثاني ڪرڻ گھرجي.

اسان جھڙي پوئتي پيل سماج ۾ جتي رواجي طور اھو چيو ويندو آھي ته  ڌيئرون پيءُ کي ڪلھو ناھن ڏينديون. پر منھنجي نظر ۾ ڌيئرون ئي والدين جون حقيقي وارث ھونديون آھن. جيڪي والدين جي تڪليفون به  سمجھنديون آھن ته  والدين لاءِ فخر جو باعث به  ڌيئرون ئي بڻجنديون آھن. سائين ھدايت الله لوھار جيئري به  خوشنصيب ھو سندس ڌيئرون ھميشه  سياست ۾ گڏ رھيون ۽ شھيد ٿيڻ کان پوءِ به  سندس ڌيئرون سن جي سرزمين تي ڪلھي ڪانڌي ٿيون آھن. سوين نوجوانن جي چپن تي ھي گيت گونجي رھيو آھي ته  تنھنجي مٽيءَ منجهھ ملان جي آءُ امرتا پايان…

سسئي ته  رونگر به  ڏاري وڌا ھئا ڇا اسان بي حساس ٿي ويا آھيون يا اسان جا حواس خطا ٿي ويا آھن ، اسان ھڪ پير جي سڏ تي لکن ۾ گڏ ٿي سگھون ٿا پر ھڪ نياڻي سسئي جي لڱ ڪانڍاريندڙ آواز تي گڏ نٿا ٿي سگھون. اڄ اھي آواز اڄ ڇو خاموش آھن،جيڪي ڊاڪٽر مارنگ بلوچ جي لاءِ ايوانن تائين گونجندا رھيا؟ اسان کي ظلم ۽ انصاف جي ھن جنگ ۾ سمورن مظلومن کي برابري سان ڏسڻو پوندو. اسان مڃون ٿا ته  بلوچن سان ظلم آھي ھو به  اسان جيان مظلوم آھن ۽ اسان به  انھن جيان مظلوم آھيون. مظلوم مظلوم سان گڏ بيھندو آھي  ۽ ظالم ظالم سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملھائي بيھندو آھي.

بلوچن جون نياڻيون اسان نياڻيون آھن، پر ڊاڪٽر مارنگ بلوچ جهڙيون سنڌ ۾ به نياڻيون دانھون ڪن پيو پوءِ اوهان جي ادي سسئي سورٺ، سنڌو جھڙيون ڪيتريون نياڻيون آھن، پر ان سان گڏ بيھڻ يا انھن جي درد کي ٻڌڻ جي صلاحيت اسان بحيثيت قوم جي وڃائي چڪا آھيون. سائين ھدايت الله جو خون علم ۽ شعور جو خون آھي. ھن رياست ۾ علم ۽ شعور جي خون جي ھڪ ڊگھي تاريخ رھي آھي.

ھن وقت سموري سنڌ قومپرست اڳواڻ ھدايت الله لوھار جي قتل جي  سخت لفظن ۾مذمت ڪندي قاتلن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪري رھي آھي.

ھن مشڪل گھڙي ۾ اسان سسئي ۽ سندس گھر وارن سان  سندن پھاڙ جيڏي ڏک ۾ شريڪ آھيون. سائين ھدايت اللھ لوھار جو دردناڪ وڇوڙو سڄي سنڌ کي ڏکائي ڇڏيو آھي. شاھ لطيف پنھنجي شاعري ۾ سسئي کي مثالي ڪردار ۽ جدوجھد جي علامت بڻائي پيش ڪيو ھو. اڄ ھڪ ٻي سسئي لوھار مثالي ڪردار بڻجي ظالمن کي للڪاري رھي آھي. ڀلي سسئي جي آواز کي اڻ ٻڌو ڪيو وڃي پر اھو ياد رکجو سسئي لطيف جي ڪردارن ۾ جدوجھد جي علامت رھي آھي سسئي ڪنڊن جي پيچرن تي ھلندي ڏونگر ڏاري رکڻ جي به  صلاحيت رکي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.