سياسي گهوٽالو، حڪومتي جوڙجڪ ڏکي بڻجي وئي

تحرير؛ رياض ابڙو 

ملڪ ۾ وڏو سياسي بحران آ، ڇو ته ڪا به پارٽي هڪٻئي سان ويهڻ لاءِ تيار ناهي. ملڪي حالتون ته سنگين آهن ئي آهن پر سياسي بحران اڃان به وڌي ويندا. ان ڪري ته سياسي پارٽيون ان ڳالھه کان به ڊنل آهن ته جي اهي اقتدار وٺندا ته ايتريون ته ڏکيائيون ايندن جو اهي سياسي پارٽيون لڙهي وينديون ۽ ان نور کان به هليون وينديون. ان ڪري اقتدار جي لالچ پنهنجي جاءِ تي، پر اندروني ۽ بيروني زور وڌي ويا آهن، جنهن ۾ سياسي پارٽين جو خير ناهي، اهي هيل پاڻ کي ٻنهي پريشرن کان بچائي نه ٿيون سگهن. اندروني دٻاءُ ۾ اهو به آهي ته ادارن جي ساک خراب ٿيڻ کانپوءِ عوام انهن ادارن تي اعتبار به ٿو ڪري سگهي. قومي سياست ته رهي ناهي، هر صوبي پنهنجا پنهنجا ماڻهو سليڪٽ ۽ اليڪٽ ڪري ورتا آهن. ڪا به مرڪزي جماعت ناهي جيڪا انهن جي وچ ۾ اچي يا انهن کي ٺاهي سگهي. ان ڪري هاڻي ته پي ڊي ايم وارو فارمولو به ڪم جو ناهي. رياست ”بفرزونز“ ۾ ورهائجي وئي آهي.

ملڪ ۾ انتشار انتها درجي جي سطح تي پڄي چڪو آهي. ماڻهو ماڻهو مان بيزار ته اڳ ۾ ئي آهي پر هاڻي غيرمرڪزيت سبب سياسي پارٽيون هڪٻئي مان بيزار ٿي ويون آهن. اهي هاڻي ايترا ته سياسي ڪوڙ هڻي ويٺيون آهن، اهي هاڻي ايتريون ته هڪٻئي مان بيزار ۽ نفرت آميز لهجن مان تنگ اچي ويون آهن، جو ڪا پارٽي ڪنهن جي هڪ نه ٿي ٻُڌي، سڀ آدم بيزاد لڳيون پيون آهن، ان ڪري ڇا ڪجي؟ پوءِ اها ڳالھه واضع ٿي بيهي ته ملڪ ۾ ايمرجنسي ئي لاڳو ٿي سگهي ٿي، ايترين جلسن جلوسن ۾ اها ڳالھه به ممڪن آهي ته جي ڪنهن جلسي ۾ ڪا انتشار واري ڳالھه وڌي وئي ته ملڪ ۾ نگران سيٽ اپ جو مدو وڌي ويندو ۽ هي سيٽ اپ ائين ئي هلندو رهندو، جيئن هلي ٿو پئو. اقتدار جي منتقلي ممڪن نه هوندي، ان ڪري ته هنن عارضي سيٽ اپ وارن حڪمرانن کي ان ڳالھه جو ڇوٽ آهي ته اهي آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪري سگهن ٿا، اهي سڀ شرط مڃي قرض جون قسطون وٺي سگهن ٿا، جيئن ڊسمبر جي آخر ۾ 70 ڪروڙ ڊالر وٺي هڙپي ويا، تيئن هاڻي به ڪري سگهن ٿا،ايئن گذريل هفتي گيس جا اگھه 67 سيڪڙو وڌائي آءِ ايم ايف جي شرط جي پوئواري ڪري ڇڏين تيئن هاڻي به ڪري سگهن ٿا.

2018 جي اليڪشن کي کڻي صاف، شفاف ۽ ايماندارانا چئون ته پر انهن به عمران خان جي عشق ۾ 30 سيڪڙو اهي دٻا ڳڻيا هيا جن ۾ عمران خان کٽي پيو يا اهي پولنگ اسٽشنون جن ۾ پي ٽي آءِ سوڀاري هئي اهي اعلانيا باقي ٻيا نه ڳڻيا ويا هيا. ان ڪري چونڊون رڳو 71 واريون شفاف هيون جنهن ۾ ملڪ ٽٽي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو. پر هاڻي ڪيترو نه آسان ٿي پيو آ جو ماڻهن کي پنهنجن حقن جي لاءِ موبلائيز ڪري سگهجي. ان ڪري جو جنهن اقتدار جي ڪرسي تي پي پي، نون ۽ پي ٽي آءِ رهي چڪيون آهن، انهن اقتداري ڪرسي تي هاڻي ٻيون ويهنديون يا ويهڻ چاهن ٿيون. ساڳي ڳالھه ته عمران خان به ڪئي هئي پر عوامي سياست نه ڪري سگهيا ۽ رهندو ڪندو پنهنجي جوڙيل سياسي دٻڻ ۾ ڦاسي پيا ۽ اقتدار وري ساڳي لالچ ۾ هليا ويا، اخلاقي ۽ آئيني جواز پاڻ ڏي ڪري ويهي رهيو يا خبر نه پيسن ته ڇا ڪيان، عدت جي عرصي ۾ نڪاح ۽ ٻيون القادر ٽرسٽ جي بهاني يونيورسٽي کولڻ واري ڳالھه سان به ايوان ۾ ڪنهن به صورت ڪري سگهجي پئي ان ۾ ڪرپشن ڪرڻ جي ڪهڙي ڳالھه هئي يا توشاخانا مان جي ڪنهن به هٿ ڌوتا ته هن اتان ڪرپشن جو وضو ڇو ڪيو، پر صاف شفاف سياست نه ڪري سگهيو يا الزامن کان آجو به ٿي سگهيو هاڻي ڇا ڪجي ۽ ڪنهن تي اعتبار ڪجي؟.

اسٽبلشمينٽ جي حرڪتن سڄو ملڪ ٻاري ڇڏيو آ، بلوچستان کان وٺي، ڪي پي ۽ پنجاب جي علائقن ۾ اها ڳالھه نه ٿي مڃي سگهجي ته هن اليڪشن جي پويان ڪا انجنيئرنگ نه هئي. هن ڀيري سڀ ادارا وائکا ٿي ويا آهن، الڪشن ڪميشن پاڻ نروار ٿي بيهي رهي آهي. ڇو ته فارم 45 ۽ 47 تي ڪوڙيون صحيون به ٿي سگهن ٿيون، فارم هٿ ٺوڪيا به ڀري سگهجن ٿا، فارم ۾ هيرڦير به ٿي سگهي ٿي، نيتجا هٿ وٺي ڦيرايا ويا آهن، جيڪي به آر اوز آهن، انهن هن ڀيري اهو سمجهيو ته ماڻهو ڪجھه  به نه ٿا سمجهن، ان ڪري جيڪي اهي سمجهن ٿا، اهو ڪري ڇڏجي ۽ اليڪشن ۾ ممڪنا ڌانڌلي ائين ڪري سگهجي ٿي، جو ڪنهن کي شڪ به نه پوندو ۽ مالڪن جي مرضيءَ سان اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿي سگهي. ٻي صورت اها به آهي ته ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ٿي سگهي ٿي ۽ نگران سيٽ اپ اقتدار جي منتقلي نه ڪري سگهندو، ان ڪري ته ڪير تيار ئي ناهي. نون ليگ ايتري آسري ۽ مالڪن جي آشيرواد کانپوءِ سمجهي ٿي ته جي هيل اقتدار ورتن ته هنن جي سياست دفن ٿي ويندي.

 

 

ملڪ ۾ وڏو سياسي بحران آ، ڇو ته ڪا به پارٽي هڪٻئي سان ويهڻ لاءِ تيار ناهي. ملڪي حالتون ته سنگين آهن ئي آهن پر سياسي بحران اڃان به وڌي ويندا. ان ڪري ته سياسي پارٽيون ان ڳالھه کان به ڊنل آهن ته جي اهي اقتدار وٺندا ته ايتريون ته ڏکيائيون ايندن جو اهي سياسي پارٽيون لڙهي وينديون ۽ ان نور کان به هليون وينديون. ان ڪري اقتدار جي لالچ پنهنجي جاءِ تي، پر اندروني ۽ بيروني زور وڌي ويا آهن، جنهن ۾ سياسي پارٽين جو خير ناهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.