ڪراچي (رپورٽر ) پيپلز پارٽي پاران چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جي ڌرڻي تي رد عمل سامهون آيو آهي. پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جي ڊي اي جلسو نه مريدن جو اجتماع ڪيو، پيپلز پارٽي جي مخالفن کي چونڊن ۾ بدترين شڪست ملي، جي ڊي اي يا ان جا اتحادي ڪنهن به ضلعي ۾ ڪامياب نه ٿيا. هن چيو ته ماڻهو انڌا ۽ بيوقوف ناهن، سنڌ ۾ جي ڊي اي پيپلز پارٽي جي مخالفت ۾ ٺهي، اهو اتحاد هر اليڪشن ۾ ٿيندو آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته جي ڊي اي سميت ٻين مخالفن سان ڪا دشمني ناهي، ڪنهن به پارٽي سان جهيڙو ناهي، احتجاج ڪندڙ پارٽين جا سربراهه منهنجي سيٽ تي اليڪشن وڙهن. هن چيو ته هي ماڻهو 5 سال گهرن ۾ ويٺا هوندا آهن، اليڪشن ويجهو ايندي ئي گڏ ٿي ويندا آهن، جي ڊي اي جتي ڌرڻو هنيو اتان 5 هزار کان وڌيڪ ووٽ ناهن کنيا، هن علائقي مان پيپلز پارٽي کٽي آهي، هڪ لک کان وڌيڪ ووٽ کنيا آهن. شرجيل ميمڻ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن جي جلسي ۾ پ پ قيادت خلاف غلط ڳالهايو ويندو ته پوءِ خاموش نه رهنداسين.