ڄامشورو : جي ڊي اي جي ڌرڻي ۾ عورتن جو به وڏو انگ شريڪ ٿيو، سنڌ جي مختلف علائقن کان حر جماعت جون عورتون توڙين ٻين سياسي جماعتن ۽ اڳواڻن جون ووٽر ۽ سپورٽر عورتون ڌرڻي ۾ موجود هيون، جڏهن ته حر جماعت جون ڪيتريون ئي عورتون پنهنجن گهرن کان ڪيترائي ڪلوميٽر پنڌ ڪري ڌرڻي واري جاءِ تي پهتيون.
-
جي ڊي اي جو ڌرڻو وڏن سياسي ڌرڻن ۽ جلسن مان هڪ آهي: سوشل ميڊيا تي بحث
جامشورو : چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين خلاف لڳايل جي ڊي اي جي ڌرڻي ۾ ماڻهن جي شموليت جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي وڏو بحث هلندڙ هو، هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن ڌرڻي جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪري پئي لکيو ته هي ڌرڻو ملڪ جي ويجهي ماضيءَ جي وڏن سياسي ڌرڻن ۽ جلسن مان هڪ وڏو ڌرڻو آهي، هن ڌرڻي تاريخ لکي ڇڏي آهي.