ڪراچي (پ ر ) عوامي ورڪرز پارٽي قوم پرست ڪارڪن استاد هدايت لوهار جي وحشياڻي قتل جي مذمت ڪئي آهي.جاري ڪيل بيان ۾ عوامي ورڪرز پارٽي جي مرڪزي صدر اختر حسين ايڊووڪيٽ ۽ جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر بخشل ٿالهو استاد هدايت لوهار جي وحشياڻي قتل کي رياست دشمن ڪاررواين جو حصو قرار ڏنو آهي. هدايت لوهر سنڌ جو نامور استاد، سرگرم ڪارڪن ۽ وائس آف مسنگ پرسنز سنڌ جي سرگرم ڪارڪن سسئي جو والد هو.